اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبو اڳوڻي حڪومت ذاتي منصوبو بڻايو هو، ڪو ادارو اهڙو ناهي جيڪو انهن تباهه نه ڪيو ه??ي، ملڪ کي گروي رکرايو، سي پيڪ جي منصوبي جا وڏا دشمن آهن، مخالف ڌر کي انهن جي هٿن ۾ نه کيڏڻ گهرجي، سي پيڪ چين ۽ پاڪستان جي عوام جي محبت جو ن??ونو بڻجندو، سي پيڪ اٿارٽي جو بل قومي اسيمبلي ۾ اڄ پيش ڪيو پيو وڃي، سي پيڪ اٿارٽي جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو ن??ٽيس جي رٿ بدنيتي تي ٻڌل آ??ي، ان طرح جي قدمن سان دوستن کي غلط پيغام ويندو آهي ۽ د??منن کي خوشي ٿيندي آ??ي، مخالف ڌر ۾ سچ ٻڌڻ جو حوصلو ن?? آ??ي، ڪنهن قسم جي سازش سي پيڪ منصوبي کي ڊي ريل نٿي ڪري سگهي. سينيٽ ۾ سينيٽر رضا رباني جي سي پيڪ اٿارٽي آرڊيننس بابت ڌيان ڇڪايو ن??ٽيس جو جواب ڏيندي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته سي پيڪ اهڙو منصوبو آهي جيڪو ڪنهن سياسي پارٽي جو منصوبو ن?? آ??ي، اهو چين ۽ پاڪستان جي حڪومتن ۽ عوام جو منصوبو آ??ي، ان کي غير سياي بڻائڻ ۽ ان جي اهميت کي اجاگر ڪرن ۽ ان تي ڪم کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سي پيڪ اٿارٽي ٺاهي ۽ آرڊيننس جي ذريعي ان جو قيام عمل ۾ آندو ويو، بدقسمتي سان ملڪ ۾ قومي مفاد جو ڪو ڪم هجي مخالف ڌر راهه ۾ رنڊڪ وجهندي آهي ۽ ان تي اعتراض ڪندي ا??ي، هن اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ منظور ٿيل فيصلن کي به پاڻ رد ڪيو، مخالف ڌر ۾ سچ ٻڌڻ جو حوصلو ه??ڻ گهرجي پر اهي سچ نٿا ٻڌي سگهن، سي پيڪ تي ڀرپور طريقي سان ڪم جاري آهي ۽ اهو پاڪستان ۽ چين جي عوام جي وچ ۾ مضبوط رشتي جي علامت آهي.