اسلام آباد 6- آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير ش??هه محمود قريشي چيو ??هي ته ڊجيٽل ڊپلوميسي وقت جي اهم ضرورت آهي، پرڏيهي وزارت کي جدي?? عصري گُهرجن سان هم آهنگ بنائڻ لاءِ جامع ۽ قابل عمل تجويزون سامهون آڻينداسين. اها ڳالهه گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ ڊجيٽل ڊپلوميسي گروپ جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. ڊجيٽل ڊپلوميسي گروپ پرڏيهي وزارت جي پبلڪ ڊپلوميسي جي ويزن جو حصو آهي، جنهن ۾ ڊجيٽل ۽ ٽيڪنيڪل ماهر ش??مل آهن. ڊجيٽل ڊپلوميسي گروپ جي ميمبرن ۾ وزيراعظم جو فوڪل پرسن ڊاڪٽر ارسلان خالد، نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي سي اِي او سيد شباهت علي شاهه، ??نر?? مئنيجر ڊجيٽل ميڊيا ونگ وزارت اطلاعات عمران غزالي، ڊجيٽل ايڪسپرٽ تانيه ايڊوروس پرو پاڪستاني بلاگ جي باني عامر عطا، پبلڪ رليشن ايڪسپرٽ سلينا راشد ۽ پرڏيهي وزارت جي صلاحڪار پبلڪ ڊپلوميسي عمران اختر ش??مل آهن. پرڏيهي وزير چيو ته ڪووڊ 19 دنيا کي هڪ ڌڪ سان تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ڊجيٽل ڊپلوميسي وقت جي اهم ضرورت آهي. پرڏيهي وزارت کي الله تعاليٰ بهترين هيومن ريسورسز سان نوازيو آهي، اسان جي وسيع تجربن سان اسان اداري کي بهترين بڻائي رهيا آهيون.