اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ري??ت واري ??فاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ اطلاعات ۽ ن??ري??ت واري سيڪريٽري اڪبر حسين دراني جي قيادت ۾ ڪشمير استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي خيابان سهروردي ??وڊ تي اطلاعات ۽ ن??ري??ت واري ??زارت ۽ ذيلي ادارن جي گڏيل ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي شرڪت ڪندڙ مودي ??رڪار جي ظلمن ۽ ڪشميرين سان ڀرپور يڪجهتي جي عزم کي ورجايو. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي مناسبت سان خيابان سهروردي ??وڊ (زيرو پوائنٽ فلاءِ اوور) کان احتجاجي ريلي شروع ڪئي وئي جنهن جي قيادت اطلاعات ۽ ن??ري??ت واري ??فاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ اطلاعات ۽ ن??ري??ت واري سيڪريٽري اڪبر حسين دراني ڪئي. ريلي پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي آڏو ختم ٿي جتي ريلي جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ??طلاعات ۽ ن??ري??ت واري ??فاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان عالمي برادري کي اهو باور ڪرائڻ چاهين ٿا ته ڪشمير جي ماڻهن تي جيڪو ظلم ۽ ڏاڍ جو ??وفان برپا آهي هندوستان کي ان جو ??ساب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته هندوستان بدمست هاٿي وانگر خطي جي امن ۽ استحڪام ۽ توازن کي غيرمستحڪم ڪري رهيو آهي. عالمي برادري کي ان جو نوٽيس وٺڻو پوندو. هن چيو ته اڄ اسان ڪشمير جي مظلوم، معصوم ماڻهن سان ان عزم کي ورجايون ٿا ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام انهن سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته اسان جي هن سري ??گر ايڪسپريس وي جي منزل سرينگر آهي، اسان هن ايڪسپريس وي تان سرينگر پهچي مظلوم ۽ معصوم ڪشميرين جي مدد ڪندي ??نهن کي ڀارتي ڌاڍ کان آزاد ڪرائينداسين، انشاءَ الله جلد ڪشميري آزادي ??و ساهه کڻندا. هن چيو ته ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد ڪشميرين تي جاري ظلمن جي خلاف آواز کي بلند ڪرڻ آهي ڇو ته عالمي برادري ڪشميري عوام تي ٿيندڙ ظلمن تي خاموش آهي، ان منافقاڻي رويي سان عالمي امن کي نقصان پهچي سگهي ٿو. هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جبري گمشدگيون، نوجوانن تي ظلم، پيلٽ گنز جو ??ستعمال ۽ غيرقانوني فوجي گهيراءُ دنيا کي ڇو نظر نه اچي رهيو آهي، اڄ پاڪستاني 22 ڪروڙ عوام جو هڪ ئي موقف آهي ته ڀارت کي انهن سمورن ظلمن جو ??ساب ڏيڻو پوندو. ريلي ۾ اي پي پي جو ??يم ڊي طارق محمود خان، پرنسپل انفارميشن آفيسر شاهيره شاهد، ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل عنبرين جان، ڊي جي آءِ پي سهيل علي خان، ڊي جي ڊيمپ سعيد جاويد، ڊي جي اي پي عمرانه وزير سميت اطلاعات ۽ ن??ري??ت واري ??زارت جي ذيلي ادارن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.