اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان هائوسنگ ۽ تعم??را?? جي شعبي جي ترقي لاءِ مراعتن ۽ سهولتن جو اعلان ڪندي نئين پاڪستان هائوسنگ پراجيڪٽ ل??ءِ 30 ارب روپين جي سبسڊي مختص ڪري ڇڏي آهي، پهر??ن هڪ لک گهرن جي تعمير تي في گهر 3 لک روپيا سبسڊي ڏني وين??ي، قرض جي صورت ۾ مارڪ اپ جي شرح پنج مرلي جي گهر جي لاءِ 5 سيڪڙو ۽ 10 مرلي جي گهرن جي لاءِ 7 سيڪڙو هون??ي، اين او سي ۽ ٻين سهولتن جي لاءِ صوبن سان گڏجي ون ونڊو آپريشن جو آغاز ڪيو ويو آهي، سستن گهرن جي تعمير تي ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، گهر جي خريداري تي آمدني جا ذريعا نه پڇيا ويندا، سمورا ماڻهو 31 ڊسمبر تائين حاصل سهولتن مان هر ممڪن فائدو کڻن، هائوسنگ ۽ تعم??را?? جي شعبي کي ترقي ڏيڻ سان ملڪي معيشت کي استحڪام ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، تعم??را?? ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جي پهرين اجلاس کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو. وز??را??ظم چيو ته ملڪ ۾ هائوسنگ ۽ تعم??را?? جي شعبي جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون ۽ مشڪلاتون هيون جن??ن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قومي رابطا ڪميٽي جوڙي وئي. هن چيو ته نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جا مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ مختلف رخن ۾ ڪم ڪيو پيو وڃي، گهرن جي لاءِ قرضن جي سهولت بابت قانون نه هو جنهن تي ڪم جاري آهي، صوبن سان گڏجي تعم??را?? جي صف بابت رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو، هن چيو ته هائوسنگ ۽ تعمرات جي شعبي جي ترقي سان جتي عام ماڻ??ن کي پنهنجو گهر بڻائڻ جي سهولت حاصل ٿين??ي، اتي روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا ۽ تعم??را??ي صنعتن جو ڦيٿو هلڻ سان ملڪي معيشت کي به استحڪام ملندو.