اسلام آباد – 17 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ مود?? جو آر ايس ايس کان متاثر نظريو تمام واضح آهي، غيرقانوني الحاق سان ڪشميرين کي انهن جي حق کان محروم رکڻ، طاقت جي بي رحماڻي استعمال ۽ غيرانساني سلوڪ ان جو مثال آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڪشمير ۾ ڀارت ٽ?? رخي سوچ تي عمل ڪري رهي آ??ي جنهن ۾ ڪشميرين جي خلاف طاقت جو بي رحماڻو استعمال ڪيو پيو وڃي، عورتن ۽ ٻارن جي خلاف غيرانساني هٿيار پيلٽ گنز استعمال ڪئي پئي وڃي، ??ارت ڪشمير جو غيرانساني لاڪ ڊائون ڪري رکيو آهي، ??شميرين کي خوراڪ ۽ دوائن جهڙي بنيادي ضرورتن جي شين کان محروم رکيو آهي.