لاهور – 04 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪرونا جي خلاف جنگ ۾ ڊاڪٽرز ۽ طبي عملو صف اول ??ا سپ??هي آهن، ان وبا جي خلاف وڙهندڙ سمورن اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، سرندي وارن پاران جناح اسپتال ۾ پي سي آر ليب جو افتتاح ساراهه جوڳو آهي، ڪرونا جي خلاف جنگ گڏيل ڪوششن ۽ جذبي سان کٽ??نداسين، پٺتي پيل ۽ پورهيت طبقي کي رليف ڏيڻ اهم ترجيح آهي، 1200 ارب رپين جو معاون پئڪيج و??يراعظم جي عوام دوست سوچ جو اظهار آهي، هڪ ڪروڙ ماڻهن کي مالي امداد ملڻ جو عمل جلد شروع ٿي ويندو، ڪرونا کي سياست جي لاءِ استعمال ڪندڙن کي عوام رد ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح اسپتال جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.