اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قزاقستان جي علائقي اڪٽائو ۾ آذربائيجان جي هوائي جهاز کي پيش ايندڙ حادثي ۽ ان ۾ قيمتي جانين جي زيان تي افسوس جو ا??هار ڪندي چيو آهي ??ه ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام آذربائيجان جي ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل يڪجهتي جو ا??هار ڪ?? ٿا. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي سفارتخاني ويو ۽ آذربائيجان جي سفير سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم قزاقستان جي علائقي اڪٽائو ۾ آذربائيجان جي هوائي جهاز کي پيش ايندڙ حادثي ۽ ان ۾ قيمتي جانين جي زيان تي افسوس جو ا??هار ڪيو. وزيراعظم حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. هن زخمين جي جلد کان جلد صحتيابي جي لاءِ دعا پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ??ه ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام آذربائيجان جي ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل يڪجهتي جو ا??هار ڪ?? ٿا. هن چيو ته آذربائيجان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل مذهبي ۽ ثقافتي قدرن تي ٻڌل ڀائيچاري جا مضبوط لاڳاپا آهن. آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف وزيراعظم جا سندس اچڻ تي ٿورا مڃيا. هن چيو ??ه ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ وزيراعظم جو آذربائيجان جي سفارتخاني اچي افسوس جو ا??هار ڪرڻ اسان جي لاءِ انتهائي قابل قدر آهي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.