اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ يوم دفاع ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، 6 سيپٽمبر 1965 اهو عظيم ڏينهن آهي جڏهن پاڪ فوج نه رڳو ڀارت کي شڪست ڏني پر پاڪ ڌرتي تي قبضي جو ڀارتي خواب پڻ ٽوڙي ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق يوم دفاع جي مناسبت سان اڄ جمعي ڏينهن جي شروعات توپن جي سلامي ۽ مسجدن ۾ ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ استحڪام جي دعائن سان ٿي. ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار تي مقرر ٿيل گارڊن جي تبديلي جي شاندار تقريب منعقد ٿي. لاهور ۾ شاعر علامه محمد اقبال جي مزار تي پڻ گارڊز جي تبديلي جي تقريب ٿي. اڄ جي ڏينهن 1965ع ۾ پاڪ فوج جي بهادر جوانن مڪار دشمن جي سمورين چالن کي ناڪام بڻايو هو، بزدل دشمنن کي پاڪ سرزمين ڏانهن ميري اک سان ڏسڻ تي سبق سيکاريو. شجاعت، ايثار ۽ بهادري جي لازوال داستان لکندڙن کي قوم اڄ به سلام پيش ڪري ٿي.