اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ شرڪت متوقع آهي، پاڪستان هر سال وانگر هن سال به ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن سميت ٻين معاملن کي اجاگر ڪندو. پريس بريفنگ ۾ هن بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر محمد يونس جي بيان تي ردعمل ۾ چيو ته پاڪستان سدائين بنگلاديش سان مضبوط ۽ ڊگهي مدي وارن لاڳاپن جو خواهشمند رهيو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ زبردست خيرسگالي موجود آهي ۽ توسيع ٿيل تعاون خطي ۾ علائقائي امن ۽ دوستي ۾ وڌيڪ مددگار ثابت ٿيندو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ چين ڊگهي مدي واري تعاون سان گڏ هڪ جهڙي موسم رکندڙ پارٽنرز آهن. پاڪستان چين سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ڀارتي پرڏيهي معاملن واري وزير جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت تازي بيان بابت هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاڪستان جي ان موقف جو ورجاءُ ڪيو ته هو ڪنهن به اهڙي بيان کي واضح طور تي رد ڪن ٿا جنهن ۾ اهو تجويز ڪيو ويو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار هڪطرفي طور طئي ٿيو آهي يا ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جنهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل ڪرڻ گهرجي.