اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ جو وسيع پروگرام ??ڻي آئي آهي، نئون پاڪستان صحت ڪارڊ دنيا جو منفرد هيلٿ انشورنس پروگرام آهي جنهن جي پوري دنيا ۾ مثال نٿو ملي، عوامي ڀلائي جي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان ??ار?? بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ پنجاب ۾ ??ار?? عوامي ڀلائي، سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي ۽ بنيادي صحت جي منصوبن تي جائزه اج??اس ٿيو، اج??اس کي هيلٿ ڪارڊ ۽ احساس راشن رعايت پروگرام تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايندڙ سال جنوري کان مارچ تائين پنجاب جي سمورن گهراڻن کي 10 لک روپين تائين مفت علاج جي سهولت فراهم ڪئي ويندي، ان کانسواءِ اج??اس کي احساس راشن رعايت پروگرام تحت گهٽ آمدني وارن خاندانن کي فراهم ڪيل سبسڊي تي اڳڀرائي ۽ ان سان غربت جي خاتمي جي متوقع مثبت نتيجن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو، اج??اس کي پنجاب جي وڏن شهرن ۾ ??ار?? احساس ڪو به بکيو نه سمهي، لنگر خانن ۽ پناهگاهن تي به آگاهه ڪيو ويو، اج??اس کي ٻڌايو ويو ته منصوبا ڏهاڙيدار ۽ مزدورن لاءِ خاص طور تي سردي جي موسم ۾ رل??ف جو سبب بڻجي رهيا آهن، اج??اس کي ڪامياب جوان پروگرام، نئون پاڪستان هائوسنگ ۽ اسپورٽس ڊرائيو تي به بريفنگ ڏني وئي، اج??اس ۾ پنجاب ۾ بلدياتي اليڪشن جي حڪمت عملي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم منصوبن تي تسلي جو اظهار ڪندي ??ار?? عوامي ڀلائي جي منصوبن جي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جون هدايتون ??ار?? ڪيون، اج??اس ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، چوڌري فواد حسين، شفقت محمود، حماد اظهر، مخدوم خسرو بختيار، سينيٽر سيف الله نيازي، قومي اسيمبلي ميمبر عامر محمود ڪياني، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بزدار ۽ پنجاب جي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد شرڪت ڪئي.