پشاور – 20 ڊس??بر (اي پي پي) نئين چونڊيل سينيٽر ۽ ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين چيو آهي ته معيشت 5 کان 6 سيڪڙو جي حساب سان اڳتي وڌي رهي آهي، معيشت جي بهتري سان مهانگائي ۾ گهٽتائي واقع ٿيندي ۽ عوام کي رليف ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ ميڊيا ج?? نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گئس جا ذخيرا تيزي سان گهٽ ٿي رهيا آهن ۽ حڪومت جي ڪوشش آهي ته جتي جتي گئس جا نوان ذخيرا دريافت ٿي رهيا آهن اتان کان پيدا ٿيندڙ گئس کي استعمال ۾ آندو وڃي، هن چيو ته هن وقت به گهريلو صارفين کي گئس جي فراهمي ۾ ترجيح ڏني پئي وڃي، شوڪت ترين چيو ته بجلي جي کوٽ جو ڪو به مسئلو نه آهي بجلي جي لوڊشيڊنگ انهن علائقن ۾ ٿي رهي آهي جتي بجلي چوري ٿيندي آهي تنهن هوندي به انهن علائقن ?? به سمورا صارفين بجلي چوري ناهن ڪندا تنهن ڪري صارفين کي رليف ڏيڻ لاءِ ڄاڻايل تڪن ?? به بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائي رهيا آهيون، جيتوڻيڪ ان عمل جي دوران حڪومت کي مالي نقصان کڻڻو پئجي رهيو آهي، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مهانگائي عالمي مسئلو آهي تنهن هوندي به مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ عوام کي هر مم??ن سبسڊي ڏئي رهيا آهيون ۽ ان سلسلي ?? بهترين ڳالهه اها آهي ته هاڻي کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن، هن چيو ته پاڪستان جي عوام کي گهرن جي تعمير ۽ زرعي مقصدن لاءِ بنا وياج قرض به ڏ??ا پيا وڃن.