ڪراچي – 10 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪراچي جي شهرين جي لا??ِ جديد ترين سفري سهولتون رکندڙ 35.5 ارب روپين جي لاڳت سان گرين لا??ين بس ريپڊ ٽرانزٽ سسٽم منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، هن ان موقعي تي منصوبي جي تختي جي نقاب ڪشائي ڪئي، اهو منصوبو وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي عوام خاص طور تي ڪراچي واسين لا??ِ قيمتي تحفو آهي جنهن سان اولهندي ۽ وچ وارن ضلعن جا 135000 مسافرن کي روزاني جديد ترين سفري سهولتن سان گڏ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ تائين پهچ آسان ۽ محفوظ بڻجي سگهندي. 21 ڪلوميٽر ڊگهي گرين لا??ين بس ريپڊ ٽرانزٽ سسٽم ڪوري ڊور تي 22 اسٽيشنز، ٽڪيٽ رومز، برقي لفٽ ۽ سيڙهيون موجود آهن، جتي بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي کي يقيني بڻائڻ لا??ِ بيڪ اپ جنريٽرز جي سهولت موجود آهي، گرين لا??ين بس سروس ۾ مرد، عورتن ۽ بزرگن لا??ِ ڌار دروازا مختص آهن، بس جي ٻنهي پاسن کان دروازا لڳايا ويا آهن پهريون دروازو عورتن جي لا??ِ، ٻيو فيملي ۽ ٽيون مردن ۽ ڇوڪرن لا??ِ مخصوص ڪيو ويو آهي، هر بس ۾ معذور ماڻهن لا??ِ بورڊنگ برج ۽ ويهڻ جو خصوصي انتظام آهي، 150 مسافرن جي گنجائش سان 18 ميٽر ڊگهي 80 ڊيزل هائبرڊ ۽ ايئر ڪنڊيشنڊ بس سروس سرجاني کان ميونپسل پارڪ تائين 22 ڪلوميٽر جو فاصلو طئي ڪندي، هر بس ۾ معلومات ۽ تشهير جي لا??ِ ڊجيٽل اسڪرينز، سي سي ٽي وي ڪئميرا به لڳاي ويا آهن جڏهن ته بس اسٽيشن تي موجود سهولتن ۾ ايڪسيليٽرز، لفٽ سروس شامل آهن. ان کانسواءِ مسافرن جي سهولت لا??ِ ٽڪيٽ وينڊنگ مشينز به لڳايون ويون آهن بس ۾ سيل فون چارجنگ پورٽ جي سهولت به موجود آهي ۽ فائبر اينڊ سيفٽي ايڪوپمينٽ به لڳايا ويو آهي، هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ان منصوبي کي منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر جي خصوصي دلچسپي تي منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزارت سنڌ انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني جي ذريعي تعمير ڪرايو آهي.