اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته مالي ۽ ڊجيٽ?? شموليت جي ذريعي عورتن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، عورتن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ۾ حڪومت، سمورا لاڳاپيل ادارا، حصيدار ۽ معاشرو پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪري. اها ڳالهه هن يو اين ويمن ۽ عورتن جي وقار بابت قومي ڪميشن (اين سي ايس ڊبليو) جي اهتمام هيٺ ”نيشنل جينڊر پورٽل“ جي افتتاح جي موقعي تي منعقد ??قر??ب کي خطاب ڪندي چئي.
صدر مملڪت ڪمپيوٽر ڪلڪ جي ذريعي پورٽل جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته ڊيٽا پورٽل جو قيام انتهائي خوش آئنده آه??، ڇو ته ڊيٽا کانسواءِ موثر پاليسي سازي ممڪن نه آه??، صدر چيو ته اسلام پهريون مذهب هو جنهن 14 سئو سال پهرين عورتن کي انهن جا حق ڏنا. قرآن ڪريم ۾ عورتن کي وارثت جا حق ڏيڻ جو حڪم آه?? جيڪو عورتن کي بااختيار بڻائي ٿو. صدر چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح به عورتن کي بااختيار بڻائڻ جو حامي هو ۽ هُن جو چوڻ هو ته جيستائين اسان پنهنجي عورتن کي بااختيار نه بڻائينداسين ان وقت تائين ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. صدر چيو ته عورتن کي بااختياربڻائن جي لاءِ وراثت ۾ ان جو حق ضرور ڏيڻ گهرجي، پاڪستان ۾ وراثت جو قانون پهرين کان موجود آه?? تنهن هوندي به ان جي موثر لاڳو لاءِ عملي قدمن سان گڏوگڏ عورتن ۽ شهرين ۾ قانون جي باري ۾ آگاهي به ضروري آه??. صدر چيو ته خاتون محتسب ۽ صوبائي سطح تي عورت محتسبن جي ذريعي وراثت جي قانون تي موثر عملدرآمد ٿي سگهي ٿو، شهرين کي ان باري ۾ علم هجڻ گهرجي حڪومت جيڪي قانون ٺاهيا آه?? ان موجب ڪنهن به عورت جي جائيداد تي قبضي کي محتسب خالي ڪرائڻ جو اختيار رکي ٿي. صدر عورتن جي تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته عورتن ۽ ٻارڙين کي تعليمي موقعن جي فراهمي ۾ حڪومت سان گڏوگڏ خاندان ۽ معاشري کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اسڪولن مان ڇوڪرين جي نڪرڻ جي شرح وڌيڪ آه?? جنهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻ گهرجن،
صدر چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ انهن جي صحت جو ڪردار اهم حيثيت رکي ٿو، عورتن کي صحت جي بنيادي سهولتن جي فراهمي ضروري آه??، صدر عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ احساس پروگرام جو خصوصي طور تي ذڪر ڪندي چيو ته احساس پروگرام تحت عورتن ک?? روڪ مدد جي ذريعي بااختيار بڻايو پيو وڃي، اها ڳالهه انتهائي خوش آئنده آه?? ته ڪاروبار لاءِ حاصل ڪيل قرض جي واپسي جي شرح عورتن ۾ وڌيڪ آه??. احساس پروگرام تحت ايندڙ مرحلي ۾ عورتن کي ڌار ڌار بئنڪ اڪائونٽس جي قيام جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن هو خاندان جي دٻاءُ کان آزاد ٿي ڪري مالي طور تي خودمختياري حاصل ڪري سگهي. مالي ۽ ڊجيٽ?? شموليت جي ذريعي عورتن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي، صدر چيو ته ناخوانده عورتن کي هنر فراهم ڪرڻ وقت جي ضرورت آه??، انهي هنر کي استعمال ڪندي اڻ پڙهيل عورتون معاشي خودمختياري جي منزل جلد حاصل ڪري سگهن ٿيون. صدر چيو ته اها ڳالهه انتهائي ضروري آه?? ته معاشرو عورتن کي پيداواري عمل ۾ شموليت جا موقعا فراهم ڪري، پاڪستان مسلسل تبديلي جي طرف گامزن آه?? ۽ مون کي اميد آه?? ته عورتن کي مالي طور تي بااختيار بنائڻ ۾ حڪومت ، سمورا لاڳاپيل ادارا ۽ حصيدار پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪندا.