اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي شعبي علوم اسلاميه جي سربراهه ڊاڪٽر محي الدين هاشمي مسلمان امت تي زور ڏنو آهي ته فرقيواريت ۽ امت کي ڪمزور ڪرڻ جي فتني کان بچڻ لاءِ اخت??اف راءِ جا آداب سامهون رکو ۽ مشاورت سان معاملا سرانجام ڏيو، مسجدن ۽ مدرسن ۾ به اخت??اف راءِ جي آداب کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن ج??عي تي ايوان صدر جي مسجد ۾ جمعي جو خطبو ڏيندي ڪيو. خطبي ۾ هن اسلام ۾ اخت??اف راءِ جي آداب کي موضوع بڻايو، هن چيو ته اسان کي نبي ڪريم ﷺ جي امتي هجڻ جو شرف حاصل آهي، نبي ڪريم ﷺ آخري خطبي حجته الوداع ۾ فرمايو ته پاڻ سڳورا اسان ج?? لاءِ ٻه ش??ون ڇڏي وڃي رهيو آهي، هڪ الله جو ڪتاب ۽ ٻيو سنت رسول ﷺ، جيڪو به انهن ٻن شين کي مضبوطي سان پڪڙيندو اهو گمراهه نه ٿيندو. هن چيو ته ڪنهن معاملي تي اخت??اف راءِ هجڻ فطري ڳالهه آهي، علي ترقي ۽ علوم و فنون ج?? فروغ اخت??اف راءِ جو مرهون منت آهي، ??ر نبي ڪريم ﷺ جي تعليمات موجب اخت??اف راءِ جي آداب کي سامهون رکڻ ضروري آهي. مسلمان امت اڄ فرقن ۾ ورهايل آهي ۽ مختلف فرقن ج?? جتي ڪجهه معاملن تي اتفاق آهي اتي ڪجه معاملن ۾ اخت??اف راءِ جي گنجائش به موجود آهي، هن چيو ته صحابه ڪرام رضه سمورن مسئلن ج?? حل لاءِ نبي ڪريم ﷺ سان رجوع ڪندا هئا، اسان ج?? فقها اسان کي اخت??اف راءِ جا آداب سيکاريا آهن، ادب الاخت??اف جي بنياد تي ئي پنهنجي راءِ ۾ غلطي جي احتمال ۽ مخالف راءِ م درستگي جو امڪان کي به رد نه ڪيو وڃي. هن چيو ته جديد دنيا اخت??اف راءِ جي آداب کي سمجهڻ جي لاءِ وڏ??ون ڪوششون ڪ??ون آهن ۽ يونيورسٽين ۾ ان ج?? باقاعده تعليم ڏني ويندي آهي، اسان کي پنهنجي مسجدن ۽ مدرسن ۾ به اخت??اف راءِ جي آداب کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، الله تعاليٰ نبي ڪريم ﷺ کي معاملن ۾ مشاورت ڪرڻ جي هدايت ڪئي، هن مسلمان امت تي زور ڏنو ته هو اخت??اف راءِ جي ادب کي اختيار ڪري ته جيئن اسان فرقيواريت ۽ امت کي ڪمزور ڪرڻ جي فتني کان محفوظ رهي سگهون.