اسلام آباد – 06 – آڪٽ??بر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت جي دور ۾ ادارا آز??د آهن، آدمشماري لاءِ سڀئي لاڳاپيل ڌرين کي اعتم??د ۾ ورتو ويندو. اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين چونڊ عم?? ۾ شفافيت آڻيندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار متحده قومي موومينٽ جي وفد سان ڳالهائيندي جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.
وفد ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وزير سيد امين الحق، خالد مقبول صديقي ۽ سينيٽر فيصل سبزواري شامل هئا. ملاقات ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر به موجود هو، ملاقات ۾ آدمشماري ۽ سنڌ ۾ جاري وفاقي حڪومت جي ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد وفاقي حڪومت جي ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ انفرااسٽ??ڪچ?? جي بهتري لاءِ منصوبن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته حڪومت ۽ اتحادي پارٽيون گڏجي سنڌ ۽ خاص طور ڪراچي جي ترقي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري رهيُون آهن.
وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ ادارا آز??د آهن، آدمشماري لاءِ سڀني لاڳاپيل ڌرين کي اعتم??د ۾ ورتو ويندو. اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين چونڊ عم?? ۾ شفافيت آڻيندي، پاڪستان ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي چونڊ عم?? تي مثبت اثرن جي باري ۾ آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي.