اسلام آباد -12 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي قابض فورسز طرفان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي جنگي ڏوهن، انساني حق?? جي خلاف ورزين، ڪوڙن مقابلن ۽ ڪوڙن فليگ آپريشنز ۽ عورتن جي بي حرمتي جي حوالي سان جامع ڊو??يئ?? جاري ڪري ڇڏيو. پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري ۽ قومي سلامتي بابت صلاحڪار معيد يوسف سان ??ڏي?? پريس ڪانفرنس ۾ 131 صفحن تي ٻڌل ڊو??يئ?? جي تفصيلن بابت آگاهه ڪندي چيو ته اسان هن ڊو??يئ?? ذريعي سڄي ڄاڻ ۽ اصل حق??قتون سڄي دنيا تائين پهچائينداسين، اسان دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت جي دعويدار ڀارت سرڪار جي اصل چهري کي بي نقاب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. انساني حق?? جي خلاف ورزي والاريل ڪشمير ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم جي انتها ڪندي ڪشميري عوام جو جيئن جنجال ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن کان هندو پرست حڪومت ڀارت ۾ آئي آهي انهن پائمالين ۾ اضافو ٿي ره??و آهي. اڄ ڀارتي فوجي گهيراءَ کي 769 ڏينهن گذري ويا آهن. هن چيو ته سيد علي گيلاني جي پهرين سيپٽمبر تي جڏهن وفات ٿي ته ان جي گهر جو گهيراءُ ڪيو ويو، ان جي وصيعت کي ختم ڪندي رات جي اونداهي ۾ ان کي دفن ڪيو ويو. ان کي تدفين جي بنيادي حق کان به محروم ڪيو ويو. سندس پونئرن کي جنازي ۾ شرڪت کان محروم رکيو ويو. عالمي ميڊيا کي ڪشمير تائين پهچ نه ٿي ڏني وڃي. انسانيت کي ان انداز ۾ پائمال ڪرڻ انتهائي نامناسب آهي، ان لاءِ اسان اڄ هي ڊو??يئ?? سامهون آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. شاه محمود قريشي چيو ته 131 صفحن تي ٻڌل ان ڊو??يئ?? جا 3 باب آهن. پهرين باب ۾ جنگي ڏوهن، ٻئي ۾ ڪوڙن فليگ آپريشنز جڏهن ته ٽئين باب ۾ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڀارت جي والاريل ڪشمير جي جاگرافيائي حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڪوششن جو ذڪر آهي. هن چيو ته ان ۾ 113 حوالا موجود آهن جن ۾ 26 عالمي ميڊيا کان ۽ 41 حوالا ڀارت جي ٿنڪ ٽينڪ کان ورتا ويا آهن جڏهن ته پاڪستان جا صرف 14 حوالا آهن. هي انتهائي اعتماد جوڳو دستاويز بڻايو ويو آهي. 3232 ڪيس جنگي ڏوهن بابت آهن. 1128 انهن ماڻهن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جن ۾ ڀارتي ميجر جنرل، برگيڊيئر ۽ ٻين سينئر آفيسرن جو ذڪر آهي جيڪي انساني حق?? جي پائمالين ۾ سڌي ريت ملوث ره??ا آهن. انهن ۾ عدالت کان مٿانهان قتل ۽ پيلٽ گنز جو استعمال شامل آهي. هن چيو ته هن ڊو??يئ?? ۾ عورتن جي بي حرتمي جو به ذڪر آهي. هڪ لک کان وڌيڪ اهڙين جاين جو ذڪر آهي جن کي ساڙيو ويو. ان کان سواءِ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڪوڙن آپريشنن جو به ذڪر آهي. ڪشميرين جي پرامن آزادي واري جدوجهد کي دهشتگردي سان گڏائڻ جي ڪوششن جو ذڪر آهي. ان موقعي تي پرڏيهي وزارت ۾ صحافين کي ڀارت سرڪار طرفان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حق?? جي سنگين پائمالن تي ٻڌل ويڊيوز ڏيکاريون ويون. هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته يورپي ملڪ انساني حق?? جو علمبردار هجڻ جا دعويٰ ڪن ٿا پر والاريل ڪشمير ۾ انساني حق?? جون سنگين خلاف ورزيون ۽ بيگناهه ڪشميرين تي ظلم تي خاموش آهن. انساني حق?? جو تحفظ عالمي ادارن جي ذميواري آهي. ??ڏي?? قومن ۽ سلامتي ڪائونسل کي ڀارت جي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ جاري انساني حق?? جي سنگين خلاف ورزين ۽ جنگي ڏوهن جو نوٽيس وٺن??ي انهن جي جاچ ڪرڻ گهرجي. شاه محمود قريشي ڀارت تي زور ڀريو ته هو فوري طور تي انساني حق?? جي پائمالين کي بند ڪري ۽ والاريل ڪشمير ۾ عالمي ميڊيا ۽ انساني حق?? جي تنظيمن کي پهچ ڏئي. هن چيو ته فاشسٽ پاليسيون خطي کي شديد خطرن ۾ وجهي ره??ون آهن، اسان کي ان حوالي سان عالمي ضمير کي جاڳائڻو آهي. ڪشمير تڪرار جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن جو ذڪر ڪندي مخدوم شاه محمود قريشي چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کان پوءِ ڪشمير مسئلو عالمي سطح تي اثرائتي انداز ۾ اجاگر ڪيو ويو جڏهن ته ??ڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل جي صدر پنهنجي پنهنجي پاڪستاني دورن دوران پنهنجن بيانن ۾ ڪشمير جي حوالي سان ??ڏي?? قومن جي موقف کي ورجايو. هيومن رائيٽس ڪائونسل جون هڪٻئي پٺيان ٻه رپورٽون سامهون اچڻ انتهائي اهميت رکن ٿيون. ان کان سواءِ هائوس آف ڪامنز سميت عالمي پارليامان ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حق?? جي پائمالين تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هيومن رائيٽس ڪائونسل هڪ باوقار فورم آهي، اسان کي ان سميت ٻين اهم فورمز کي ڪتب آڻڻ جي ضرورت آهي. اسان عالمي آبزرورز کي آزاد ڪشمير وٺي وياسين جڏهن ته ڀارت انهن کي پهچ نه ڏني. اڄ ميڊيا عام راءِ بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ره??و آهي. 5 آگسٽ 2019ع کان پوءِ عالمي ميڊيا والاريل ڪشمير ۾ جاري انساني حق?? جي سنگين خلاف ورزين ڏانهن عالمي برادري جي توجهه ڇڪرائي. هن چيو ته سوشل ميڊيا به ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ره??و آهي. هن چيو ته اڄ ڀارت اندر هڪ مخصوص طبقو دهلي سرڪار جي ڪشمير پاليسي خلاف کلي ڳالهائي ره??و آهي جڏهن ته ڀارت اندران پڻ آواز اٿي ره??ا آهن. هن چيو ته ڪشميرين جي قربانيون ضايع نه وينديون، اسان هن ڊو??يئ?? کي سڀني مشنز ۽ هر فورم تي موڪلينداسين ۽ اصل ڄاڻ ۽ حق??قتون سڄي دنيا تائين پهچائينداسين. ان موقعي تي انساني حق?? بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته ڀارت ??ڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي قانونن جي مسلسل خلاف ورزي ڪري ره??و آهي. يورپي ملڪ ٻٽي معيار تي عمل پيرا آهن، والاريل ڪشمير ۾ يورپي يونين طرفان 5 آگسٽ جي ڀارتي قدمن تي ڪو به بيان سامهون ناهي آيو، اسان عالمي انصاف واري عدالت کان جنگي ڏوهن جي حوالي سان راءِ وٺي عالمي سطح تي ڀارت جي انساني حق?? بابت پائمالين کي وڌيڪ اٿارينداسين. شيرين مزاري چيو ته ڀارت طرفان جنسي ڏاڍائي کي جنگي هٿيار طور استعمال ڪيو ويو. هن چيو ته ڀارت کي هن وقت ??ڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت سونپي وئي جڏهن ته اهو انساني حق?? جي سنگين خلاف ورزين ۾ ملوث ٿي ره??و هو. ان موقعي تي قومي سلامتي واري صلاحڪار معيد يوسف چيو ته اڄ صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي، هاڻي ڪو به ڀارت جي ڏوهن تي پردو وجهڻ وارو موجود ناهي. هن چيو ته ڀارت جون پاليسيون نه رڳو خطي لاءِ پر دنيا لاءِ خطري جو سبب ٿي سگهن ٿيون. اي يوڊس انفوليب جي رپورٽ جو پڌرو ٿيڻ ان تبديلي جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته اسان نومبر 2020ع ۾ جيڪو ڊو??يئ?? ڏنو ڪنهن به ان ۾ ڏنل معلومات ۽ ڀارتي پروپئگنڊه جي دستاويزي ثبوتن کي چئلينج نه ڪيو. هن چيو ته اهو ڊو??يئ?? سيد علي گيلاني مرحوم کي خراج عقيدت آهي ڇاڪاڻ ته ان جي سموري زند??ي ان جدوجهد ۾ گذري.