اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مجموعي ۽ برابر معاشري جي جوڙجڪ جي لا??ِ اسلام جي تصور موجب عورتن جي ملڪيت جي حقن جي تحفظ ۽ فراهمي جي لا??ِ قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماڻهن کي عورتن جي حقن بابت آگاهه ڪرڻ جي لا??ِ آگاهي مهم جي لا??ِ عالم سڳورا ۽ ميڊيا پنهنجو ڪردار ادا ڪري، عورتن کي حقيقي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لا??ِ مالي شموليت انتهائي اهميت رکندڙ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير عمر ايوب ??ان، قانون ۽ انصاف واري پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. عورتن جي ملڪيتن جي حقن جي قانون 2020ع کي لاڳو ڪرڻ جو حوالو ڏيندي صدر قانونسازي جي ان قدم کي عورتن کي انهن جا حق ??يڻ ۾ هڪ مثبت قدم قرار ڏنو ۽ سمورن صوبن ۾ هڪ جهڙن قانونن جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته انفورسمينٽ آف وومين پ??اپرٽي رائٽس ايڪٽ 2020ع هڪ موثر ۽ تيزي سان شڪايت جي ازالي جو طريقيڪار پيش ڪيو آهي جنهن تحت ڪا به عورت جيڪا جائيد??د جي ملڪيت يا پنهنجي جائيد??د جي قبضي کان محروم آهي اها محتسب کي اپيل داخل ڪري سگهي ٿي. هن عورتن جي جائيد??د جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لا??ِ متبادل تڪرارن جي حل جي طريقيڪار کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر عورتن کي بااختيار بڻائڻ بابت منصوبن کي اسٽريم لا??ين ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته عورتن کي حقيقي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لا??ِ مالي شموليت انتهائي اهميت رکندڙ آهي ۽ انهن کي احساس پروگرام ۽ استيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي ذريعي دستياب قرضن ۽ ٻين سهولتن بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي عمر ايوب ??ان صدر کي عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ مختلف ملڪن پ??ران پ??ڪستان کي عورتن جي لا??ِ ڏني ويندڙ گهڻ رخي ۽ ٻطرفن فنڊز ۽ قرضن بابت آگاهه ڪيو. صدر ان سلسلي ۾ عالمي ادارن ۽ ملڪن پ??ران مالي معاونت کي ساراهيو.