اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان جولاءِ ۾ 410 ارب رپين جو رڪارڊ روينيو جمع ڪرڻ تي ايف بي آر جي ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ??مران خان چيو ته هيستائين جولاءِ ۾ 410 ارب رپيا گڏ ڪيا ويا آهن، جيڪا تاريخي طور تي جولاءِ مهيني ۾ جمع ڪئي وي??دڙ سڀ کان وڏي رقم ۽ ان مهيني جي هدف کان اٽڪل 22 سيڪڙو ??ڌيڪ آهي. هن چيو ته انهن وصولين سان پائي??ار معاشي واڌويجهه ۽ بحالي جي حوالي سان حڪومتي پاليسين جي عڪاسي ٿئي ٿي.