ڪراچي – 29 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ کي د??پي?? چئلينجز ۽ مسئلن جي حل لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون. اها ڳالهه هن پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن جي آفيس جي دوري جي موقعي تي چئي. پي بي اي جي عهديدارن سان ملاقات ??ور??ن ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ميڊيا صنعت جي ترقي ۽ فروغ جي لاءِ ڪوششون ڪندا رهنداسين. هن چيو ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي بنيادي آئيني ۽ جمهوري حق تي پڪو يقين رکي ٿي. هن پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايوسسيئيشن جي مسئلن جي حل جي خ??طري ڪرائيندي چيو ته گڏيل تعاون ۽ مسلسل رابطن سان مسئلن جو حل ممڪن بڻايو ويندو.