رپورٽ: ياسر عرفات
موجوده حڪومت ملڪ ۾ بي گهر غريب ماڻهن ۽ وچولي طبقي لاءِ 50 لک گهرن جي تعمير جي شاندار منصوبي جي شروعات ڪئي آهي جنهن کي عوام ۾ زبردستي پٺڀرائي حاصل ٿي رهي آهي، ڪورونا وبا باوجود تعميراتي شعبي سان لاڳاپيل صنعتن کي مراعتن جي ??راهمي ۽ انهن صنعتن سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ روزگار جي ??وقعن مان اڏاوتن ۽ ريئل اسٽيٽ جي شعبن ۾ نمايان سرگرمي پيدا ٿي آهي.
حڪومت تعميراتي شعبي جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ان صنعت جي سهولت لاءِ گهربل قانونسازي سميت ڪيترائي ٺوس قدم کنيا، ٽيڪس جو مراعتي نظام متعارف ڪرايو، جڏهن ته فڪسڊ ٽيڪس نظام ۾ 31 ڊسمبر 2021ع تائين واڌ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اهڙيءَ ريت زمين جي ??انون جي عدم دستيابي هائوسنگ شعبي جي ترقيءَ ۾ وڏي رڪاوٽ هئي پر سپريم ڪورٽ جي ??يصلي کانپوءِ اهو مسئلو هاڻي حل ٿي ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان بئنڪن لاءِ لازم قرار ڏنو آهي ته اهي پنهنجي ??اڳاپيل ڊوميسٽڪ پرائيويٽ سيڪٽر ڪريڊٽ جو 5 سيڪڙو حصو هائوسنگ ۽ تعميراتي صنعت کي فراهم ڪندا ۽ ان قدم سان گڏ بئنڪن جي تعميراتي فنانس لاءِ رقم 31 ڊسمبر 2021ع تائين 378 ارب رپين جي ??يجهو پهچي ويندي، 5 مرله جي ??ائوسنگ يونٽ تي پهرين 5 سالن لاءِ مارڪ اپ 5 سيڪڙو، ايندڙ 5 سالن لاءِ 7 سيڪڙو، 10 مرله واري هائوسنگ يونٽ تي پهرين 5 سالن لاءِ مارڪ اپ 7 سيڪڙو ۽ ايندڙ 5 سالن لاءِ 9 سيڪڙو آهي، جڏهن ته قرض 20 سالن تائين جي ??ُدي لاءِ حاصل ڪري سگهجن ٿا.
لو ڪاسٽ هائوسنگ منصوبن لاءِ نيا پاڪستان ڊولپمينٽ هائوسنگ اٿارٽي طرفان في گهر 3 لک رپيا (پهريان هڪ لک هائوسنگ يونٽس) جي ڪاسٽ سبسڊي ڏني ويندي. بلڊرز اينڊ ڊولپرز کي سهولتن جي ??راهميءَ لاءِ نجي شعبي طرفان لو ڪاسٽ هائوسنگ جي حوالي سان حڪومت اضافي قدم کڻي رهي آهي جنهن ۾ نيا پاڪستان ڊولپمينٽ اٿارٽي پراجيڪٽ شروع ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي لو ڪاسٽ سبسڊي ۽ مارگيج سهولت فراهم ڪندي. نيا پاڪستان ڊولپمينٽ هائوسنگ اٿارٽي جي انگن اکرن مطابق رڳو پنجاب ۾ 162.88 ارب رپين جي ??اليت جي تعميراتي منصوبن جي شروعات ٿي چڪي آهي ۽ 136.42 ارب رپين جا منصوبا ??نظوريءَ جي ??رحلن ۾ آهن، ان سان 495.15 ارب رپين جون اقتصادي سرگرميون پيدا ٿينديون ۽ تقريبن 2 لک 50 هزار ماڻهن کي روزگار جا موقعا ميسر ايندا. ڪي پي ڪي ۾ 28.49 ارب رپين جي ??اليت جي تعميراتي منصوبن جي شروعات ٿي جنهن سان 42.431 ارب رپين جي ??اليت جون اقتصادي سرگرميون ۽ 27 هزار روزگار جا موقعا پيدا ٿيا. هلندڙ مالي سال جي ??هرين 5 مهينن دوران سيمنٽ جي ڪل فراهميءَ ۾ 16.61 سيڪڙو اضافو ٿيو.
وبا جي ??ي لهر جي ڪري حڪومت بلڊرز ۽ ڊولپرز جي سهولت لاءِ پڻ هر ممڪن قدم کنيا آهن، هاڻي بلڊرز ۽ ڊولپرز دستياب مراعتن ۽ وڏي پيماني تي تعميراتي سرگرميون شروع ڪرڻ جو فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا، عوام کي سستن قرضن جي ??راهميءَ لاءِ مختلف قدمن تحت اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان بئنڪن کي خاص هدايتون جاري ڪيون ويون جڏهن ته بئنڪن عوام کي سستن گهرن جي ??راهمي جي ??شن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ عوام کي قرضن جا تفصيل ۽ حاصل ڪرڻ جي طريقيڪار کان آگاهه ڪيو ۽ قرضن جي ??راهمي کي ممڪن بڻايو، ان کان پهرين بلڊرز ۽ ڊولپرز لاءِ منظوري حاصل ڪرڻ مشڪل هئي پر هاڻي حڪومت هائوسنگ ۽ تعميراتي شعبي جي سهولت لاءِ منظوريءَ جي طريقيڪار کي پڻ آسان بڻائي ڇڏيو آهي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان حڪومت طرفان ”ميرا پاڪستان ميرا گهر“ لاءِ هائوسنگ فنانس مارڪ اپ سبسڊي اسڪيم تحت قرض حاصل ڪندڙ ماڻهن جي سهولت کي نظر ۾ رکندي قرض حاصل ڪرڻ ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي شڪايتن جي داخلا لاءِ سروس ڊيسڪ پورٽل ۽ هيلپ ڊيسڪ جي ??يام کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. گهرن جي سستن قرضن جي ??راهميءَ لاءِ پاڪستان حڪومت طرفان فراهم ڪيل قرضن تي مارڪ اپ سبسڊي جي حوالي سان شڪايتون سروس ڊيسڪ پورٽل ذريعي درج ڪرائي سگهجن ٿيون جيتوڻيڪ قرض جي ??راهميءَ ۾ ڪنهن مشڪل جي صورت ۾ صارفين لاڳاپيل بئنڪ ۾ به شڪايت درج ڪرائي سگهن ٿا، ان کان علاوه اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان 15 شهرن ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي آفيسن ۾ هيلپ ڊيسڪ به قائم ڪيون ويون آهن جتي درخواستگذارن جي شڪايتن کي حل ڪرڻ لاءِ ايس بي پي جا آفيسر ۽ بئنڪن جا فوڪل پرسنز موجود هوندا. صارفين کي چيو ويو آهي ته هو پنهنجي شڪايتن جي داخلا لاءِ بئنڪ جا تفصيل فراهم ڪن جنهن جي خلاف شڪايتون درج ڪرائڻ جو ارادو هجي. اسٽيٽ بئنڪ جي آن لائن پورٽل servicedesk.sbp.org.pk تي پهريون ڀيرو سائن اپ ڪرڻو پوندو. پورٽل تي موبائل فون ذريعي لاگن ڪري سگهجي ??و، بئنڪ جي شاخ ۽ شهر جو نالو چونڊي لاڳاپيل آفيسر جو نالو جيڪڏهن معلوم هجي ته درج ڪري سگهجي ??و، ان کان علاوه صارفين ان پورٽل ذريعي دستاويزي ثبوت به اُماڻي سگهن ٿا.
ايسوسيئيشن آف بلڊرز ۽ ڊولپرز آف پاڪستان (آباد) جي ??يٽرن ان چيف محسن شيخاني مطابق حڪومت طرفان هائوسنگ جي شعبي کي مراعتن جي آڇ مان بلڊرز فائدو وٺي رهيا آهن، ان پيڪيج سان 50 لک گهرن جي تعمير جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. مراعتي پيڪيج جي آجيان ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت هائوسنگ جي شعبي کي ملڪ جي 70 ساله تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ صنعت جو درجو ڏنو آهي، پيڪيج تعميراتي صنعت لاءِ انتهائي لاڀائتو آهي، ان پيڪيج سان ڪنسٽرڪشن انڊسٽري سان لاڳاپيل 72 صنعتن کي فائدو ملندو. جنهن جا اثر عام عوام تي پوندا. ٽيڪسيشن ۽ ڊاڪيومينٽيشن جو خوف ختم ٿيندو ۽ سيڙپڪاري وڌندي. هن چيو ته ڪورونا وبا سان سڄي دنيا ۾ اقتصادي ترقيءَ ۾ سستي ڏسڻ ۾ آئي پر وزيراعظم طرفان تعميراتي شعبي ۾ مراعتن سان ان وبا باوجود ملڪ ۾ تعميراتي سرگرمين کي هٿي ملي، ماڻهن کي روزگار جا موقعا مليا، هن وقت ملڪ ۾ تعميراتي سرگرميون تيزيءَ سان جاري آهن. تعميراتي صنعت اسان جي ??عيشت ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿي جنهن جي ترقيءَ سان هائوسنگ يونٽن جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي.
پاڪستان مورگيج ري فنانس ڪمپني (پي ايم آر سي) جي ايم ڊي ۽ سي اي او مدثر خان چيو ته پي ايم آر سي عالمي بئنڪ ۽ حڪومت جي سهڪار سان ري فنانسنگ جي سهولت فراهم ڪري رهي آهي، اسان 11 شراڪتدار بئنڪن ۽ مالياتي ادارن کي انهن جي روايتي ۽ جدت وارين اسلامي ري فنانسنگ پراڊڪٽ ۾ 15 ارب رپيا فراهم ڪري ڊگهي مُدي واري سستي هائوسنگ فنانس کي هڪ حقيقت ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. پي ايم آر سي گهٽ لاڳت جي گهرن لاءِ قرض ڏيڻ وارين بئنڪن کي همٿائڻ لاءِ حڪومت جي ??رسٽي طور رسڪ شيئرنگ جي سهولت به متعارف ڪرائي آهي. پاڪستان مورگيج ري فنانسنگ ڪمپني لميٽيڊ جي سينيئر فنانشل سيڪٽر اسپيشلسٽ ناموس ظهير پاڪستان هائوسنگ فنانس منصوبي کي واکاڻيندي چيو ته ان رٿا جا ڏور رس اثر پوندا، عالمي بئنڪ پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستان مارگيج ري فنانس ڪمپنيءَ سان گڏجي ??اڪستان ۾ مورگيج فنانس انڊسٽريءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، پاڪستان جي 207 ملين آبادي آهي ۽ اهو دنيا ۾ تيزيءَ سان اڳتي وڌندڙ ملڪن ۾ شامل آهي پر بدقسمتيءَ سان پاڪستان ۾ گهرن جي کوٽ آهي، ان منصوبي ذريعي اسان جي ڪوشش آهي ته پرائمري مارگيج مارڪيٽ ذريعي ماڻهن کي گهرن جي ??لڪيت جا حق فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هٿ ونڊايو وڃي. وفاقي حڪومت جي ان منصوبي کان پهرين هڪ مخصوص طبقو بئنڪن مان گهرن کان حاصل ڪري سگهيو ٿي پر ان منصوبي ذريعي هاڻي گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي به گهرن لاءِ سستن قرضن جي ??راهمي جون ڪوششون ڪامياب بڻايون پيون وڃن. هن چيو ته ان منصوبي ۾ عورتن کي به گهرن جا مالڪاڻا حق فراهم ڪرڻ وارو عمل تيز ڪيو ويندو. هن وقت پاڪستان ۾ ڪل آباديءَ جو رڳو 2 سيڪڙو عورتن وٽ گهرن جا مالڪاڻا حق آهن، ان منصوبي ۾ عورتن جي شرڪت کي وڌائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. لو ڪاسٽ هوم فنانس سان ملڪ ۾ تعميراتي سرگرمين کي به هٿي ملندي ۽ روزگار سميت لاڳاپيل صنعتن کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ رٿابندي ڪميشن ان منصوبي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهيا آهن. اسان کي اميد آهي ته ان منصوبي جا هاڪاري اثر نڪرندا،
تعميراتي سرگرمين جي ترقيءَ لاءِ حڪومت ڪنسٽرڪشن انڊسٽريءَ لاءِ خاص رليف پيڪيج کي واکاڻيندي آل پاڪستان سيمنٽ مينيوفيڪچرل ايسوسيئيشن جي چيئرمين اعظم فاروق چيو ته نيا پاڪستان هائوسنگ پروگرام سان مارڪيٽ ۾ ڪاروباري سرگرميون بحال ٿيون آهن، اسٽيل جي صنعت به فائدو کڻي رهي آهي. پاڪستان آئرن اينڊ اسٽيل مرچٽلا ايسوسيئيشن جي چيئرمين طارق ارشاد چيو ته تعميراتي صنعت ڪنهن به معيشت لاءِ مرڪزي حيثيت رکي ٿي جنهن سان روزگار جا وسيع موقعا پيدا ٿين ٿا.
واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان هائوسنگ منصوبن جو هفتيوار بنيادن تي جائزو وٺڻ کان علاوه هائوسنگ اسڪيمن جي ??اڻ نگراني ڪري رهيو آهي. تازو ئي وزيراعظم جي صدارت ۾ راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبي، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبي، والٽن ايئرپورٽ جي ??نتقلي ۽ پنجاب جي ??نڍن شهرن ۾ عوام کي سستين رعايتن جي ??راهمي واري منصوبي بابت پيش رفت جو جائزه اجلاس ٿيو. راوي سٽي جي ??نصوبي ۾ ڪنسلٽنٽ سان ڳالهيون ۽ ڊزائين جي حوالي سان معاملا آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن.
پنجاب جي ??نڍن شهرن جي ??سگردائي ۾ وزيراعظم جي ??يزن تحت گهٽ آمدني واري طبقي کي گهٽ لاڳت وارن گهرن جي تعمير جي تجويز ڪيل منصوبن تي پڻ ڪم جاري آهي. گهٽ لاڳت جي ??ن کان پنج مرله گهرن جا اهي منصوبا شروع ۾ صوبي جي 25 کان 27 ضلعن جي ??سگردائي ۾ شروع ڪيا ويندا ۽ بعد ۾ انهن جو دائرو 87 مختلف هنڌن تائين آهستي آهستي وڌايو ويندو. پنجاب حڪومت زمين فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ابتدائي مرحلي ۾ سرمايو فراهم ڪندي ۽ اڳئين مرحلي ۾ مارگيج فنانسنگ تحت سبسڊي فراهم ڪئي ويندي.
پر?? فيبريڪيٽڊ گهرن جي حوالي سان مختلف بين الاقوامي ڪمپنين پڻ وزيراعظم عمران خان جي 50 لک گهرن جي تعمير واري ويزن ۾ گهري دلچسپي ڏيکاري آهي.
چيني ڪمپني هنان ڊي آر ڪنسٽرڪشن گروپ انڊسٽريل اسٽيٽ فيصل آباد ۾ پنهنجو پهريون پر?? فيبريڪيٽڊ گهر تعمير ڪري ورتو آهي. گذريل سال 18 سيپٽمبر تي وزيراعظم عمران خان ”ايز?? فيبريڪيٽڊ هومز پرائيويٽ لميٽڊ منصوبي“ جي ??يڙهه جو پٿر رکيو هو. وزيراعظم عمران خان گذريل سال بيجنگ جي دوري دوران هنان ڊي آر ڪنسٽرڪشن گروپ جي اعليٰ اختيارين سان ملاقاتن دوران پاڪستان ۾ گهرن جي طلب کي پورو ڪرڻ جي ??اءِ پر?? فيبريڪيٽڊ گهرن جي تياري جي ??اءِ سيڙپڪاري ڪرڻ ۽ ٽيڪنالوجي ??نتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. ان سلسلي ۾ چين جي ڪمپني هنان ڊي آر ڪنسٽرڪشن گروپ خاص اقتصادي زون فيصل آباد ۾ پر?? فيبريڪيٽڊ هومز جو پلان قائم ڪيو جنهن بعد ڪمپني ايز?? فيبريڪيٽڊ هومز پرائيويٽ لميٽڊ منصوبي کي عملي شڪل ڏني ۽ نئين سال جي شروعات سان ئي پنهنجو پهريون پر?? فيبريڪيٽڊ گهر مڪمل ڪيو آهي.
ڪوريا جي ڪمپني جي – سونگو طرفان پڻ پاڪستان ۾ پهريون فيبريڪيٽڊ هائوس پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ تعمير ڪيو ويو. ڪمپني گذريل سال پاڪستان ۾ پنهنجي آپريشنز جي شروعات ڪئي ۽ 9 نومبر 2020ع تي نيا پاڪستان هائوسنگ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽينينٽ جنرل (ر) انور حيدر ڪمپني جي ??هرين فيبريڪيٽڊ گهر جو افتتاح ڪيو. ڪمپني طرفان فراهم ڪيل تفصيلن موجب ڪمپني ٻن بيڊ رومز تي مشتمل اهو گهر 7 ڏينهن ۾ تيار ڪيو. ٻين خاصيتن سان گڏوگڏ ان گهر جي ??ائيف پنجاهه سال آهي. ان گهر جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ مٽياريل ٻاهران گهرايل آهي. جڏهن ته اهو مٽيريل ملڪ اندر پڻ تيار ڪري سگهجي ??و. ان گهر جي تياري ۾ انسوليشن والز استعمال ڪيون ويون آهن. جيڪي روايتي گهر جي ??قابلي ۾ 43 ڀيرا وڌيڪ بهتر آهن. جڏهن ته اهو گهر باهه ۽ زلزلي جي خطرن کان به محفوظ آهي. جي سونگو ڪمپني جي ??مائندي موجب جي سونگو چار ماڙ گهر ۽ اپارٽمينٽ تعمير ڪري سگهي ٿي. جديد ٽيڪنالوجي جي ??نتقلي سان نه رڳو غير ملڪي سيڙپڪاري ايندي بلڪه ٽيڪنالوجي سان لاڳاپيل تعميراتي ۽ واسطيدار شعبن ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ڪمپني ساليانو 18 هزار گهر ۽ اپارٽمينٽس تعمير ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
حڪومت جي ??دمن کي اڳتي وڌائيندي هائوسنگ ۽ ورڪس واري وزارت پڻ 109 ارب روپين جي ??اڳت سان نون اپارٽمينٽس جي اڏاوت ۽ رڪيل اسڪيمن کي ٻيهر شروع ڪندي ملڪ ۾ گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي سهولت لاءِ مختلف قدم کنيا آهن. هائوسنگ وزارت ٽن کان پنج مرله وارن گهٽ لاڳت وارن هائوسنگ يونٽس جي تعمير لاءِ گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي وياج کان پاڪ پنج ارب روپين جي ??اليت جي ??ختلف اسڪيمن جي شروعات ڪئي.
هائوسنگ ۽ ورڪس واري وزارت جي ??ڪ اهلڪار ”اي پي پي“ کي ٻڌايو ته 5137 هائوسنگ يونٽس پڄاڻي جي ??ختلف مرحلن ۾ آهن. وزارت ڪجهه رڪيل منصوبن کي بحال ڪيو آهي. جن ۾ ڪري روڊ اسلام آباد، وفاقي ڪالوني لاهور، جي -10 ٽو اسلام آباد، آءِ 16- ٿري اسلام آباد ۽ آءِ 12- ون اسلام آباد شامل آهن. ڊگهي عرصي کان تعطل جو شڪار انهن منصوبن تي ڪم شروع ڪيو ويو ۽ پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي (پي ايڇ اي) طرفان انهن کي مڪمل ڪيو ويو آهي جڏهن ته آءِ 16- ٿري ۽ آءِ 12- ون جي ??نصوبن تي ڪم جاري آهي.
بلوچستان ۾ کنيل قدمن بابت هن چيو ته ڪچلاڪ روڊ ڪوئيٽه جو منصوبو 1350 هائوسنگ يونٽس تي مشتمل آهي ان رٿا لاءِ صوبائي حڪومت طرفان زمين فراهم ڪئي وئي. ميمبرسپ ڊرائيو ذريعي 7700 کان وڌيڪ درخواستون مليون ۽ خودڪار طريقي سان ڪامياب قرعه اندازي ڪئي وئي. ڪي پي ۾ پي ايڇ اي ريزيڊينشيا سروزئي پراجيڪٽ پشاور جي ??اءِ 8500 ڪنال زمين ڪي پي حڪومت طرفان فراهم ڪئي وئي. ۽ پهرين مرحلي ۾ پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي فائونڊيشن 10 هزار هائوسنگ يونٽس تعمير ڪندي. منصوبن بابت اسٽيڪ هولڊرز ۽ الاٽيز کي معلومات کنا آگاهه رکڻ جي ??اءِ هائوسنگ ۽ ورڪس واري وزارت جي ??يب سائيٽ تي تمام منصوبن ۽ اسڪيمن جي حوالي سان هر قسم جي ??علومات دستياب آهي. پي ايڇ اي ۽ فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي جا پنهنجي ??يس بڪ ۽ ٽوئيٽر اڪائونٽ آهن، جن تي منصوبن ۽ قدمن جي ڄاڻ ڏني وڃي ٿي. ان کان علاوه اخبارن، سيمينارز ۽ ميڊيا ذريعي تشهير پڻ ڪئي وڃي ٿي.
تعميراتي شعبي کي صحيح رخ تي گامزن ڪرڻ ۽ معيشيت جي بحالي لاءِ حڪومت طرفان مراعاتي پيڪيج جي بروقت قدم سان نه رڳو تعميراتي شعبي ۾ تيز رفتار ترقي يقيني ٿيندي بلڪه روزگار جا موقعا پڻ پيدا ٿيندا. معاشي ۽ تعميراتي ماهرن موجب تعميراتي شعبي ۾ جيڪڏهن ان رفتار سان ڪم جاري رهيو ته 50 لک گهرن جي تعمير جو هدف آساني سان حاصل ٿيڻ جا وڏي اميد آهي.