اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان راوي ڊولپمينٽ منصوبي تي اڳڀرائي کي تسلي بخش قرار ڏيندي چيو آهي ته منصوبي جي طئي ٿيل هدفن کي مقرر وقت ?? پورو ڪيو وڃي ۽ ماحولياتي تحفظ جي سمورين قانوني گهرجن کي پورو ڪندي ان ۾ ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبي تي اڳڀرائي جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ??ئي.