اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سرڪاري ناڻي مان ڏني ويندڙ سبسڊي جو ??قصد معاشري جي ڪمزور طبقن جي مدد ۽ سماجي ۽ معاشي ترقي جو ??روغ آهي، غيرمستحق ماڻهن جو سبسڊيز جي نظام مان فائدو کڻڻ نه رڳو سرڪاري وسيلن جو زيان آهي پر حقدارن جي حق تلفي جو سبب بڻجي ٿو تنهن ڪري اننظام ۾ سڌارا حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هو حڪومت پاران مختلف شعبن ۾ ڏني ويندڙ سبسڊي جي نظام کي شفاف ۽ منظم بڻائڻ ۽ ان مدد کي حقدار تائ??ن پهچائڻ کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان ا??لاس جي صدارت ڪري رهيو هو.