اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ??اسمين راشد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پنجاب صوبي ۾ صحت انصاف ڪارڊ ورهائڻ جي حوالي سان اڳڀرائي ۽ هيلٿ ڪارڊ ذريعي صحت جي سهولتن بابت عوامي ردعمل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب پنجاب جي صحت واري صوبائي وزير ٻڌايو ته عوام پاران صحت انصاف ڪارڊ جي حوالي سان انتهائي حوصلي جوڳو ر??عمل سامهون آيو آهي. صحت انصاف ڪارڊ جي ڪري مستحق ماڻهن ۽ انهن جي خاندانن کي صحت جي حوالي خان خاطرخ??اه?? رليف مليو آهي. وزيراعظم عوام جي مثبت ردعمل تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته صحت انصاف ڪارڊ ذريعي معياري صحت جي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.