اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نيشنل ريڊيو ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن (اين ٽي آر سي) هري پور جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو وينٽي ليٽر جي پيداواري سهولت جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير فو??د چوڌري، توانائي وارو وزير عمر ايوب خان، وزيراعظم جو ڪووڊ 19 بابت فوڪل پرسن ڊاڪٽر فيصل سلطان، اين ڊي ا??م اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل ۽ اعليٰ عملدار به ان موقعي تي موجود هئا.