اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آه?? ته پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت جي ڪامياب سفارتي ڪوششن ۽ عالمي ميڊيا تي معاملو بهتر اندز ۾ اجاگر ٿيڻ تي دنيا ڪشمير جي حوالي سا?? ڀارت جي بياني کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آه??، پاڪستان ڀارت جو مڪروه چهرو بي نقاب ڪندو رهندو ۽ هر فورم تي ڀارتي بربريت سا??هون آڻيندا رهنداسين. 50 سا??ن کانپوءِ گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاسن ۾ ڪشمير مسئلو بحث هيٺ آندو ويو. هو اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ ”تشدد جو عالمي ڏينهن ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي انتهاپسندي“ جي عنوان سا?? منعقد سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو.