اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي حڪومتي فيصلي جا ثمر س??ي ملڪ جي عوام کي پهچائڻ جي لاءِ سمورا صوبائي چيف سيڪريٽري گڏيل حڪ??ت عملي جوڙين، ملاوٽ کان پاڪ ?? خالص شيون ملڻ گڊ گورننس جي لاءِ ضروري آهي، ان ڳالهه تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي وڏي مقدار ۾ فراهمي سان گڏوگڏ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن ته جيئن ع??ام کي مناسب قيمت تي اٽي جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. هو ملڪ ۾ ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي سلسلي ۾ قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.