اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ڪرونا وا??رس عالمي چئلينج آهي، تبليغي جماعت جي ميمبرن جي تعاون جا ٿورائ??ا آهيون، ٻاهرئين ملڪن مان تبليغي جماعت جي ماڻهن ۽ زائرين جي واپسي جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، عوام کي اپيل آهي ته حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪري ڇو ته وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ هر مڪتبه فڪر جو تعاون اهميت وا??و آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ هو مذهبي معاملن وا??ي وفاقي وزير نورالحق قادري ۽ مملڪتي وزير شهريار آفريدي سان گڏ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو.