اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان فرانس جي سفير مارڪ بارٽي ملاقات ڪئي جنهن ۾ اي ايف پي طرفان ??ي پي پي لاءِ فني تعاون، تربيتي سهولتن ۽ ميڊيا جي وفدن جي ٻه طرفي مٽاسٽا تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات دوران وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پاڪستان ۾ صحافين جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ سکيا لاءِ فرانس کان ??عاون جا خواهشمند آهيون، هن ٻنهي ملڪن جي اس??يٽ نيوز ايجنسيز ۽ نيشنل براڊ ڪاسٽرز جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت ت?? زور ڏنو.