اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چي?? آهي ته اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي خلاف سنگين غداري ڪيس ۾ تفصيلي فيصلي جو جائزو وٺڻ کانپ??ءِ قانوني ٽيم جي مشاورت سان حڪومت پنهنجو لائحه عمل طئي ڪندي، حڪومت انصاف سان گڏ بيٺل آهي، سنگين غداري ڪيس ۾ اپيل جو فيصلو مشرف جي وڪيلن کي ڪرڻو آهي. هو انفارم??شن سروسز اڪيڊمي ۾ ”صحافين جو ڪردار ۽ مستقبل جا چئلينجز“ جي عنوان سان ميڊيا ورڪشاپ کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي.