اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه ??حم??د قريشي چيو آهي ته چين، مسلمان امت سان لاڳاپن کي س??هه ڏيڻ چاهي ٿو. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي حوالي سان هڪ بيان ۾ هن چيو ته انشاءَ الله او آءِ سي ڪانفرنس ڪاميابي سان همڪنار ٿيندي. پاڪستان جا حاسد او آءِ سي ڪانفرنس ڪامياب ٿيندي نه ٿا ڏسڻ چاهين. شاهه ??حم??د قريشي چيو ته ڀارت اڃا به او آءِ سي ڪانفرنس ڪرڻ کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهيو آهي. الله جي مدد شامل آهي انشاءَ الله او آءِ سي ڪانفرنس ضرور ڪامياب ٿيندي. ڀارت کي خدشو آهي ته پاڪستان ان ڪانفرنس م ڪش??ير مسئلي کي اٿاريندو. هن چيو ته اسان کي هن ڪانفرنس ۾ مسلمان امت جو ڌيان ڪش??ير جي خراب ٿيندڙ صورتحال طرف ڇڪرائڻو آهي. بلاول ڀٽو کي او آءِ سي ڪانفرنس جي ايجنڊا کي خبر نه آهي. ڪش??ير جي مسئلي کي هن ڪانفرنس ۾ جيڪا اهميت ڏني ويندي اها ماضي کان مختلف هوندي. شاهه ??حم??د قريشي چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو چيني پرڏيهي وزير او آءِ سي ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ خطاب ڪندو. چين مسلمان امت سان لاڳاپن کي س??هه ڏيڻ چاهي ٿو.