اسلام آباد – 18 8211; مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي هولي جي ڏڻ تي هندو برادري کي مبارڪباد ڏني آ??ي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين هولي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته رنگن ۽ محبت جي ان ڏينهن جو مقصد نفرتن ۽ برائي جو خاتمو آ??ي، انسانن جي خلاف نفرت، تعصب ۽ ظلم ڪندڙن جي لاءِ اڄ پيغام جو ڏينهن آهي ته هو پنهنجو ڪردار ۽ سوچ بدلائين. هن چيو ته بهار جي آمد ۽ هولي جو ڏڻ خو??ين جو سبب آهن، ان موقعي تي هندو برادري لاءِ خير سگالي جو پيغام پڻ ڏنو.