اسلام آباد – 08 –; مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته عورتون اسان جي ??لڪي آبادي جون اڌ کان وڌيڪ آهن، انهن کي نظرانداز ڪري ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، حڪومت عورتن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي ??اءِ حوصلا افزائي ڪري رهي آهي. عورتن جي عالمي ڏينهن جي ??وقعي تي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته عورتن کي نظرانداز ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ??ه اسان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پنهنجي اڌ آبادي کان ڪم وٺي رهيا آهيون، ان لاءِ عورتن کي نه رڳو گڏ وٺي هلڻ ضروري آهي پر انهن کي اهڙو بهترين ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن سان اهي قومي ڌارا ۾ شامل ٿين. هن چيو ته جڏهن مون سروس شروع ڪئي ته 185 جي بيچ ۾ اسان صرف 9 عورت آفيسر هيونسين، هاڻي جيڪي بيچز اچي رهيون آهن انهن ۾ سئو کان وڌيڪ عورتون هونديون آهن، حڪومت چاهي ٿي ته ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي کي ترقي جي عمل ۾ شامل ڪ??و وڃي، هن چيو ته عورت هجڻ جي ??اطي آئون عورت آفيسرن جي ??شڪلن کي چڱي طرح سمجهان ٿي، عورتن جي ??مائندگي هر سطح تي هجڻ گهرجي، عورتون ٻنين ۽ گهرن کان وٺي هر ميدان ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ۽ اڪثر انهن جي صلاحيتن ۽ ڪردار جو اعتراف نه ٿو ڪ??و وڃي. جيڪڏهن انهن جي خدمتن جو اعتراف ڪ??و وڃي ??ه انهن جي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ٿيندي ۽ انهن جي حوصلا افزائي ٿيندي. هن چيو ته موجوده حڪومت عورتن کي انهن جا وراثتي ۽ ٻيا حق ڏيارڻ ۽ معاشي طور تي انهن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ تم??م گهڻو ڪم ڪيو آهي.