لاهور – پهرين مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر لانگ مارچ جي نالي تي بيچين ٿي رهي آهي، پيپلزپارٽي جي لانگ مارچ کي ڪير پڇڻ وارو نه آهي، بلاول ڪڏهن سياست ناهي ڪئي، کيس شين جو اندازو نه آهي، مريم ڪالهه زرداري صاحب کي جيڪو چيو اهو ان جي دل جو آواز آهي، پنهنجي اتحادين سان رابطي ۾ ??هي??ن، تحريڪ انصاف سياسي پارٽي آهي، ماڻهن ??ي مشڪل ?? نه ٿا ڇڏي سگهون، تحريڪ انصاف کي ورثي ۾ تباهه حال معيشت ملي، حڪومت معيشت کي صحيح ٽريڪ تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم عمران خان پ??ٽرول، ڊيزل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو ج??هن سان صنعتن کي فروغ ملندو ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??ورنر هائوس لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف کي ورثي ۾ تباهه حال معيشت ملي جنهن جي ڪري ٻاهرئين قرضن ۾ اضافو ٿي رهيو هو، حڪومت جي پهرين ڪوشش ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچائڻ هو، حڪومت معيشت کي صحيح ٽريڪ تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي، حڪومتي پاليسين جي ڪري روانگي واپار ۾ رڪارڊ اضافو ٿي رهيو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ڪورونا وائرس جي وبا جو بهترين حڪمت عملي سان مقابلو ڪيو، عالمي ادارا ان سلسلي ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهي رهيا آهن، اوورسيز پاڪستانين مٽاسٽا جي ناڻي سان ملڪ جي ڀرپور مدد ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو ج??هن جي ڪري اسان کي به قيمتون وڌائڻيون پ??ون. وزيراعظم عمران خان پ??ٽرول، ڊيزل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائين جو وڏو اعلان ڪيو ج??هن سان صنعتن کي فروغ ملندو ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن ??يو ته اسان ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي بحال ڪيو ج??هن سان روانگي واپار ۾ رڪارڊ اضافو ٿي رهيو آهي، ڪڻڪ، چڻا، چانور جي رڪارڊ پيداوار ٿي، وزيراعظم عمران خان کي عام ماڻهو ج?? تڪليف جو احساس آهي، عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا ??هي??ن. چوڌري فواد حسين چيو ته عام ماڻهو کي اڳ ۾ صحت ڪارڊ ڏنو، ڪالهه وزيراعظم وڏي پئڪيج جو اعلان ڪيو، نوجوانن کي ڪاروبار جي لاءِ قرض ڏيڻ سان گڏوگڏ نوجوان گريجوئيٽس کي 30 هزار رپيا انٽرن شپ ڏئي رهيا ??هي??ن، احساس پروگرام سان عام ماڻهو کي فائدو ٿي رهيو آهي، اڳ ۾ غريب ماڻهو هاڻي مڊل ڪلاس جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهيا ??هي??ن، راشن ڪارڊ تي اٽو، کنڊ ۽ گيهه 30 سيڪڙو سبسڊي تي ملي رهيا آهن. هن ??يو ته مخالف ڌر لانگ مارچ جي نالي تي بيچين ٿي رهي آهي، پيپلزپارٽي جي لانگ مارچ کي ڪير پڇڻ وارو نه آهي، بلاول ڪڏهن سياست ناهي ڪئي، کيس شين جو اندازو نه آهي، مريم نواز ڪالهه زرداري صاحب کي جيڪو چيو اهو ان جو آواز آهي، حمزه شهباز ايندڙ چونڊن ۾ (ن) ليگ جي ٽڪيٽ وٺندو، اها ڪنهن ??ي خبر نه آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان پ??هنجي اتحادين سان رابطي ۾ ??هي??ن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف سياسي پارٽي آهي، ماڻهن ??ي مشڪل ?? نه ٿا ڇڏي سگهون، حڪومت کي ڪو خطرو نه آهي، حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي ۽ ايندڙ حڪومت به پاڪستان تحريڪ انصاف جي هوندي. وفاقي وزير چيو ته اڪانومسٽ موجب پاڪستان ڪورونا وائرس جي وبا جي مقابلي ۾ دنيا جي ٽاپ 3 ملڪن ۾ رهيو، عالمي مهانگائي، افغان مسئلي جي باوجود اسان جي صحيح قدمن سان ڪنسٽرڪشن، ٽيڪسٽائيل انڊسٽري بحال ٿي، روانگي واپار، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿيو، تنهن ??ري اڄ انهي جي ڪري اسان عوام کي ايترو وڏو ريليف ڏيڻ جي پوزيشن ۾ ??هي??ن.