ڪراچي – 31 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ڪوارٽرز جي اربن ري جنريشن پلان تي وقت سر عملدرآمد شفاف ۽ موثر طريقي سان ٿيڻ گ??رج??، بدقسمتي سان ماضي ۾ هيٺين طبقي کي گهر جي فراهمي تي ڪجهه به اهم ڪم ناهي ٿيو، حڪومت نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت گهرن لاءِ رعايتي قرضه اسڪيم شروع ڪئي ??هي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ڪوارٽرز بابت گورنر هائوس سنڌ ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڪوارٽرز جي اربن ري جنريشن پلان تي وقت سر عملدرآمد شفاف ۽ موثر طريقي سان ٿيڻ گ??رج??، گهر ڪمزور ۽ وچولي طبقي جي بنيادي ضرورت آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ هيٺين طبقي کي گهر جي فراهمي تي ڪجهه به اهم ڪم نه ٿيو. هن چيو ته حڪومت نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت گهرن لاءِ رعايتي قرضه اسڪيم شروع ڪئي ??هي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ڪوارٽرز ڪراچي جي قابل عمل حل تي هائوسنگ ۽ تعميرات واري وزارت ۽ وفاقي ڪابينا کي ساراهيو. صدر کي گذريل اجلاسن جي دوران ڪيل فيصلن تي ٿيندڙ اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ هائوسنگ ۽ تعميرات واري وزارت جي عملدارن به شرڪت ڪئي.