لاهور – 13 ڊس??بر (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان سان پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور گورنر هائوس لاهور ۾ ملاقات ڪئي. پنجاب جي گورنر وزيراعظم کي برطانيا جي دوري تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ع??را?? خان برطانيا جي ڪامياب دوري تي پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور کي ساراهيو. وزيراعظم ع??را?? خان ان موقعي تي چيو ته پاڪستان امن سان گڏ بيٺل آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ??سا?? تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم چيو ته عوام جي ڀلائي ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ??ڪومت جي اولين ترجيح آهي. پنجاب جي گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته هو برطانوي پارليامينٽ جي اسپيڪر، وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ لارڊز سميت هڪ سئو کان وڌيڪ شخصيتن سان مليو ۽ سڀني افغان امن عمل ۾ پاڪستاني ڪردار کي ڀرپور ساراهيو آهي. گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته 20 کان وڌيڪ برطانوي پارليامينٽ مي??بر جلد پاڪستان جو دورو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته برطانوي پارليامينٽ ميمبرن پاڪستان جي بلين ٽري منصوبي ۽ ڪورونا وبا دوران پاڪستاني قدمن کي پڻ ساراهيو.