اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آ??ي ته سنڌ تي اهڙي حڪومت مڙهيل آهي جنهن کي عوام سان ڪو به ??رو??ار نه آهي، سنڌ حڪومت جي پاليسين جي ڪري سنڌ جي ??وام کي نقصان ٿي رهيو آ??ي، اٽو ۽ کنڊ جا اگهه سنڌ ۾ وڌيڪ آهن، صحت ڪارڊ ۽ راشن پروگرام سان سنڌ جي ??وام محروم آهي، سنڌ جي نمائندن کي پنهنجي وڏي وزير کان سوال پڇڻ گهرجي ??ه هو سنڌ جي ??وام سان ڪهڙي ڳالهه جو انتقام وٺي رهيو آ??ي، پاڪستان جي ??وام کي ڊگهي عرصي کانپوءِ اهڙي حڪومت ملي آهي جنهن تي ڪرپشن جو ڪو به الزام نه آهي، وزيراعظم عمران خان ان تي مخالفين به اعتماد ڪندا آهن، اسان ن ليگ وانگر اورينج ٽرين ۽ بجلي جا مهانگا منصبوبا لڳائي معيشت جو ٻيڙو غرق ناهي ڪيو، اڄ پاڪستان جي ??ياسي قيادت تي اعتماد بحال ٿيو آ??ي، مخالف ڌر واريءِ جي ??يوار وانگر آهي جيڪا ٺهندي ئي ڪري ويندي آهي، 23 مارچ تائين پي ڊي ايم رهندي ته مارچ ڪري وٺندي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن غذائي تحفظ واري وفاقي وزير سيد فخر امام سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته ڪووڊ کانپوءِ ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي ??روي ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن سياسي حڪومت تي ڪرپشن جو ڪو شڪ ناهي ڪيو ويو جيڪا حوصلا واري ڳالهه آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ هڪ اهڙي حڪومت موجود آهي جنهن تي ڪرپشن جو ڪو به الزام نه آهي. وزيراعظم عمران خان تي سندس مخالف به يقين رکندا آهن، اڄ سياسي حڪومت تي اعتماد بحال ٿيو آ??ي، 89 سيڪڙو ماڻهو ڪورونا ۾ حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ قدمن تي اعتماد جو اظهار ڪيو جيڪو خوش آئنده آهي، هن چيو ته دنيا ۾ تمام گهٽ مثال موجود آهن ته ڪورونا وبا کانپوءِ ڪو ملڪ 5 سيڪڙو شرح سان ترقي ڪري رهيو آ??ي. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت ۾ 5 سيڪڙو گروٿ ريٽ کي آءِ ايم ايف به تسليم ڪري رهيو آ??ي، اميد آهي ته اسان 5 سيڪڙو جي ??رح کان وڌيڪ ترقي حاصل ڪنداسين. چوڌري فواد حسين چيو ته گذريل سال زرعي شعبي ۾ تقريبن 400 ارب روپين جي ??مدني ٿي، آبادگارن کي ڪڻڪ جي فصل ۾ 118 ارب روپيا، ڪپهه جي فصل ۾ 138 ارب روپيا، چانورن ۾ 46 ارب روپيا، مڪئي ۾ 3 ارب روپيا ۽ ڪمند ۾ 96 ارب روپين جي ??ضافي آمدني ٿي، ان اضافي آمدني جي ڪري ٽريڪٽر، گاڏين، زرعي اوزارن ۽ يوريا ڀاڻ جي کپت ۾ اضافو ٿيو، هن چيو ته يوريا ڀاڻ جي پاڪستان ۾ قيمت 1700 روپيا آهي جڏهن ته عالمي منڊي ۾ ان جي قيمت 10 هزار روپيا آهي، هن چيو ته جيڪڏهن هڪ ٽرڪ ڀاڻ ٻاهرين ملڪ هليو وڃي ته 70 کان 80 لک روپين جو فائدو ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته مهانگائي جي ڪري وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي ??اريخ جي ??ڀ کان وڏي سوشل پروٽيڪشن پروگرام جو اعلان ڪيو، خيبرپختونخوا ۽ پنجاب جي هر شهري کي 10 لک روپين تائين علاج جي ??هولت ميسر هوندي، اها سهولت بلوچستان ۽ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ??هرين کي به فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته اهڙي طرح جي پروگرام جا دنيا ۾ مثال نٿا ملن، برطانيه ۾ نيشنل هيلٿ سروسز ۾ ماڻهن کي علاج جي ??هولت لاءِ پريميم ادا ڪرڻو پوندو آ??ي، هن چيو ته اسان جو شناختي ڪارڊ ئي هيلٿ ڪارڊ هوندو، ڪنهن به سرڪاري اسپتال ۾ علاج مفت ٿيندو، 50 هزار روپين کان گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي اٽو، دال، گيهه تي 30 سيڪڙو رعايت ملندي. کين اٽو 2018ع جي قيمت جي مقابلي ۾ گهٽ قيمت تي دستياب هندو،
وفاقي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جي پاليسين جي ڪري سنڌ جي ??وام ان سهولت کان محروم آهي، سنڌ تي اهڙي حڪومت مڙهيل آهي جنهن کي عوام سان ڪو به ??رو??ار نه آهي، هن چيو ته سنڌ کانسواءِ پوري پاڪستان جي ??هرين کي صحت جي مفت سهولت ميسر هوندي. پوري ملڪ ۾ اٽو 1100 روپيا في ٿيلهو ملي رهيو آ??ي جڏهن ته سنڌ جي ماڻهن کي 1446 روپين ۾ ملي رهيو آ??ي، سڄي ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت 90 روپيا آهي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ 97 کان 100 روپين جي وچ ۾ آهي، هن چيو ته سنڌ جي نمائندن کي پنهنجي وڏي وزير کان سوال پڇڻ گهرجي ??ه هو سنڌ جي ??وام سان ڪهڙي ڳالهه جو انتقام وٺي رهيو آ??ي، سنڌ حڪومت جي پاليسين جو نقصان سنڌ جي ماڻهن کي ٿي رهيو آ??ي، اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا، وفاقي وزير چيو ته غريب ماڻهن کي سڌو سنئون امداد جي فراهمي عمران خان جو ويزن آهي، اسان ن ليگ وانگر اورينج ٽرين ۽ بجلي جا مهانگا منصوبا لڳائي معيشت کي ٻيڙو غرق نه ڪري رهيا آهيون، اڄ پاڪستان جي ??ياسي قيادت جي ??اک ۾ اضافو ٿيو آ??ي، هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته مخالف ڌر ٿڪل پهلوانن جو ٽولو آ??ي، مخالف ڌر واريءَ جي ??يوار وانگر آهي جيڪا ٺهندي ئي ڪري پوندي آهي، هن چيو ته نفرت تي ٻڌل پاليسيون نه هلنديون، پنهنجي ??يجنڊا ماڻهن جي ??امهون رکڻي پوندي آهي، هن چيو ت??23 مارچ تائين پي ڊي ايم رهجي وئي ته لانگ مارچ ڪري وٺندي.