اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت جي معاشي حڪمت عملي جو بنيادي محور ملڪ جو روانگي واپار وڌائڻ، واپاري خسارو گهٽ ڪرڻ ۽ معاشري جي پيڙهيل طبقن جي مدد ڪرڻ آهي، حڪومتي سڌارن جي نتيجي ۾ ڪا??وب??ر ڪرڻ ۾ آساني جي انڊيڪس ۾ پاڪستان جي درجابندي 108 کان 136 تائين پهچي وئي آهي، ڪا??وب??ري شعبي کي عالمي سوچ اختيار ڪرڻ ۽ منڊين ۾ تبديل ٿيندڙ رج??ان?? کان باخبر رهڻ جي ضرور?? آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار انٽر پرينيورز ??رگ??ائيزيشن (اي او) جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته ڪا??وب??ري برادري خصوصي ماڻهن ۽ عورتن کي مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ جي لاءِ نوڪريون ڏين ۽ ڪا??وب??ري صلاحيتون وڌائين، خصوصي ماڻهن کي عمارتن ۽ ڪم جي جاين تائين آسان پهچ فراهم ڪرڻ جي ضرور?? آهي. صدر چيو ته حڪومت واپاري برادري کي برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان جي سيڙپڪاري پاليسي سازگار ڪا??وب??ري ماحول پيدا ڪرڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٺوس فريم ورڪ فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺاهي وئي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪا??وب??ري برادري ويليو ايڊيشن جي ذريعي ملڪي روانگي واپار وڌائڻ ۽ عالمي منڊين تائين پهچ وڌائڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري. انٽر پرينيورز ??رگ??ائيزيشن جي وفد حڪومت جي معاشي پاليسين تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڪا??وب??ري ۽ سيڙپڪاري دوست پاليسين کي ساراهيو. وفد جي ميمبرن چيو ته انٽر پرينيورز ??رگ??ائيزيشن ملڪ جي معاشي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر وفد کي انهن جا مسئلا ۽ شڪايتون لاڳاپيل ڌرين تائين پهچائڻ جي خاطري ڪرائي.