اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ انصاف ۽ قانون جي بالادستي مڪمل طو?? تي قائم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، معاشري جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي ته معاشري جي هر طبقي جي ترقي تي ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم عمران خان سان برطانيا جي پارليامينٽ ميمبرن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ لارڊ واجد خان، ناز شاهه ۽ محمد ياسين شامل هئا. وفد وزيراعظم کي اسلامو فوبيا تي آواز اٿارڻ ۽ مديني جي رياست جي طرز تي پهريون ڀيرو معاشي ۽ سماجي طو?? تي پيڙهيل طبقن جي لاءِ سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي جا قدم کڻڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان کانسواءِ آزاد ڪشمير ۾ نئين چونڊيل حڪومت جي عوامي ڀلا??ي جي لاءِ کنيل ??دم?? کي پڻ ساراهيو. ملاقات ۾ موجوده حڪومت جي مختلف ??دم??، عوام دوست پاليسين ۽ ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان ??دم?? تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته نظام حڪومت جي حوالي سان اسان جو ماڊل مديني جي رياست آهي، فلاحي رياست ۽ قانون جي بالادستي مديني جي رياست جا سنهري اصول هئا. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ انصاف ۽ قانون جي بالادستي مڪل طو?? تي قائم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، معاشري جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي ته معاشري جي هر طبقي جي ترقي تي ڌيان ڏنو وڃي.