اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي يورپي ڪائونسل جي صدر چارلس ميچل ٽيليفون ڪيو ۽ ساڻس افعانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم افغنستان سان سفارتي ۽ عالمي ادارن جي عملي ۽ ٻين ماڻهن جي نڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي پاڪستان جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪيو. يورپي ڪائونسل جي صدر نڪرڻ لاءِ لنگهه جي فراهمي ۽ ميزباني تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو، وزيراعظم پاڪستان جي موقف جي وضاحت ڪندي ان ڳا??هه تي زور ڏن?? ته هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي، وزيراعظم ان ڳا??هه تي زور ڏن?? ته افغانستان جي سڀني ماڻهن جي حقن جي تحفظ سان گڏوگڏ انهن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقين?? بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته هڪ جامع سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو بهترين رستو آهي، وزيراعظم عمران خان ان اميد جو ا??ها?? ڪي?? ته افغان اڳواڻ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا، وزيراعظم پاڪستان جي ان عزم جو ورجاءُ ڪي?? ته هو مسئلي جي حل لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو، هن چي?? ته افغانستان ۾ سلامتي جي صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ، امن کي برقرار رکڻ، انساني همدردي جي ڪنهن به چئلينج کي منهن ڏيڻ ۽ افغان عوام جي معاشي ڀلائي کي يقين?? بڻائڻ لاءِ ضروري آهي، وزيراعظم عمران خان چي?? ته افغانستان جي موجوده صورتحال ۾ عالمي برادري جي مسلسل حمايت جي ضرورت آهي. افغانستان جي عوام سان يڪجهتي جو ا??ها?? ڪرڻ ۽ انساني همدردي جي چئلينجن کان بچڻ ۽ معاشي استحڪام کي يقين?? بڻائڻ لاءِ انهن جي مدد ڪرڻ اڻٽر آهي. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان علائقائي ۽ عالمي حصيدارن سان ويجهي رابطي ۾ رهند?? ته جيئن افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي گڏيل مقصدن کي فروغ ڏئي سگهجي جنهن سان خطو ۽ ان کان ٻاهر جو علائقو مستفيد ٿيندو. وزيراعظم ۽ يورپي ڪائونسل جي صدر ان ڳا??هه تي اتفاق ڪي?? ته ڌريون رابطي ۾ رهن ۽ افغانستان جي صورتحال تي ويجها رابطا رکن، وزيراعظم عمران خان يورپي ڪائونسل جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي به دعوت ڏني.