اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پاڪستان ۽ ايران ج?? وچ ۾ پارلياماني رابطن، واپاري تعاون ۽ ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن ج?? استحڪام تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي خواب جي تعبير لاءِ ڪوشان آهن ۽ ٻنهي ملڪن ج?? مذهبي، ثقافتي ۽ سماجي هڪجهڙائي ٻ?? طرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ مستحڪم بنياد فراهم ڪري ٿي، سينيٽ چيئرمين اهڙن خيالن ج?? اظهار ايران ج?? سفير سيد محمد علي حسيني سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ عالمي سطح تي تعاون واکاڻ جوڳو آهي ۽ پاڪستان ايران سان پنهنجي تاريخي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ اسان ج?? خواهش آهي ته انهن لاڳاپن کي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي سطح تي وڌيڪ مستحڪم ڪيو وڃي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ ايران سدائين هڪٻئي سان عالمي فورمن تي تعاون ڪيو آهي ۽ مختلف مسئلن تي هڪجهڙو موقف اختيار ڪيو آهي، هن دفاعي سطح تي تعاون کي به مثالي قرار ڏنو آهي، ايران ج?? سفير سينيٽ چيئرمين ج?? خيالن سان اتفاق ڪيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ ٻ?? طرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ض??ور?? آهي، ملاقات ۾ مڪران ڊويزن ۽ خاص طور تي گوادر کي ايران پاران بجلي جي فراهمي منقطع ٿيڻ جو معاملو به غور هيٺ آيو. سينيٽ چيئرمين ايران ج?? حڪومت کي گوادر ۽ مڪران ڊويزن ج?? بجلي بحال ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته بجلي جي بندش سان علائقي جي عوام کي مشڪلاتون درپيش هيون ۽ بحالي سان عوام کي رليف مليو آهي، سينيٽر ڪهده بابر به ان سلسلي ۾ سينيٽ چيئرمين ۽ ايران ج?? سفير جي تعاون ج?? ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته سينيٽ چيئرمين ج?? ذاتي ڪوششن سان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملي، سينيٽ چيئرمين ج?? متوقع ايران ج?? دوري جي حوالي سان سفير سينيٽ چيئرمين کي دوري جي رخن ج?? باري ۾ آگاهه ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته ايران دوست ملڪ آهي ۽ ايران ج?? دورو ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.