اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جمعي ڏينهن ترڪي ۾ فلسطين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر رياض المالڪي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻه طرفن ناتن، خطي جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. فلسطين جي پرڏيهي وزير ??لسطين ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان شاهه محمود قريشي کي آگاهه ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته فلسطين جو مس??لو وچ اوڀر ۾ بيچينيءَ جو بنيادي سبب آهي، پاڪستان 1967ع کان اڳ جي سرحدي صورتحال ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن جي روشنيءَ ۾ فلسطين مس??لي جي ٻه رياستي حل جو حامي آهي. پاڪستان، فلسطيني عوام جي حق خوداراديت جي جدوجهد جي حمايت ڪري ٿو. پرڏيهي وزير ??لسطين جي هم منصب کي فلسطين جي پُرامن مس??لي جي حل لاءِ پاڪستان طرفان ڪيل سفارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو ۽ فلسطين جي مس??لي تي او آءِ سي ۽ عرب ليگ جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. پرڏيهي وزير ??زيراعظم ع??را?? خان، پاڪستاني عوام طرفان فلسطيني قيادت ۽ عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير شرٽ جو تحفو فلسطيني پرڏيهي وزير کي پيش ڪيو جنهن تي لکيل هو ”اي ارض فلسطين مين بهي حاضر هون“.