اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعميراتي منصوبن جي حوالي سان منظوري جو عمل مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي، ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻيلن جو تحفظ ضروري آهي، رڪارڊ ڊجيٽلائيز ٿيڻ سان قبضا مافيا ۽ غير قانوني اڏاوتن جي روڪٿام ۾ به مدد مل??دي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل پاڪستان بلڊنگ ڪوڊ کي نظر ۾ رکندي گهٽ لاڳت وارن گهرن جي حوالي سان قومي معيار (نيشنل اسٽينڊرڊ سپيسي فيڪيشنز) جوڙيا ويا آهن. ان معيار تي سمورن صوبن جي مشاورت ۽ رضامندي شامل آهي. اهو مفصل ڪوڊ چئن مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ جوڙيو ويو آهي. وزيراعظم گهٽ لاڳت وارن گهرن جي حوالي سان هڪجهڙي معيار تي ٻڌل ڪوڊ جوڙڻ تي پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل ۽ ٻين جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم کي پنجاب صوبي ۽ سن?? صوبي ۾ هائوسنگ منصوبن جي حوالي سان هيستائين مل??ل منظورين ۽ ايراضي جي باري ۾ بريفنگ ڏني، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته هن وقت تائين 25607 درخواستون مل??ون آهن، جيڪي 120.84 مل??ن چورس فوٽ تي تعميرات جي حوالي سان هيون، انهن درخواستن مان 17572 درخواستون منظور ڪيون ويون آهن، جنهن جي زمين 64.29 مل??ن چورس فوٽ آهي، منظور ٿيل منصوبن ۾ رهائشي منصوبن جي ايراضي 46.09 مل??ن چورس فوٽ جڏهن ته ڪمرشل تعميرات جي ايراضي 17.56 مل??ن چورس فوٽ آهي، باقي ايراضي تي تعميراتي منصوبن جون درخواستون غور هيٺ آهن. سن?? جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته سن?? صوبي ۾ هيستائين پبلڪ سيل جي تقريبن 33 منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي.