اسلام آباد – 5 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته و??ير??عظم عمران خان سٽيزن پورٽل ذريعي ملڪ جي عوام کي سندن چانئٺ تي انصاف فراهم ڪري پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ و??ير??عظم سٽيزن پورٽل کي ٻن سالن جو عرصو پورو ٿيڻ تي و??ير??عظم کي مبارڪون پيش ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته هي اها تبديلي آهي جنهن جو و??ير??عظم عمران خان ۽ تحريڪ انصاف قوم سان واعدو ڪيو هو. پرڏيهي وزير و??ير??عظم جي سٽيزن پورٽل تي وصول ٿيل شڪايتن کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ تي پرڏيهي سيڪريٽري سه??ل محمود ۽ پرڏيهي وزارت جي سڄي ٽيم جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ڪوڊ-19 جي وبا دوران وزارت پاران سڄي دنيا جي پاڪستانين جي مدد لاءِ ڪرا??سز سينٽرز قائم ڪيا.