اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته گلگت بلتستان جي عوام ۽ اميدوارن کي جمهوري عمل ۾ حصو وٺڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، مخالف ڌر جي اعليٰ سطحي قيادت هڪ مهيني کان جيڪا عوام جي ذهنن تي سوار هئي ۽ جي بي اليڪشن کي ريفرنڊم چئي رهي هئي، گلگت بلتستان جي عوام انهن جي ۽ نواز شريف جي بياني کي رد ڪندي ردي جي ??وڪري ۾ اڇلي ڇڏيو آهي، گلگت بلتستان جي اليڪشن کي شفاف ۽ غير جانبدار بڻائڻ جي ??اءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي، آئنده چونڊ عمل کي شفاف بڻائڻ جي ??اءِ جلد قانونسازي ڪنداسين، خاتم النبيين حضرت محمد مصطفيٰﷺ جي ??اموس تي حملو ڪندڙ اسان جو اولين ترين دشمن آهي، وزيراعظم عمران خان ان مسئلي تي گ??يل قومن سميت مسلم ملڪن کي خط لکڻ کانسواءِ جيڪو موقف اختيار ڪيو ۽ جهڙي طرح مسلمان امت جي ترجمان ڪئي ان جو ماضي ۾ ڪٿي مثال نٿو ملي، ڪا به ??يا??ي پارٽي اهڙي مسئلي تي احتجاج ڪندڙن کي طاقت جي ذريعي منشتر نٿي ڪري سگهي، انهن سان ڳالهين جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڪهڙي طرح عوامي شڪايتن کي ختم ڪرڻو آهي ۽ ان ڏس ۾ گهرو وزارت تمام جلد پڌرنامو جاري ڪندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.