اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان عوامي جمهوريه چين جي نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ چين جي گڏيل فائدي جي لاءِ معيشت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ انساني وسيلن جي ترقي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي خواهش و ورجاءُ ڪيو ويو. پاڪستان جي دوري تي ??يل چيني نائب پرڏيهي وزير وفد سان گڏ ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي، پاڪستان ۾ چين ??و سفير جيانگ زيڊونگ پڻ ملاقات ۾ موجود هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته چين هڪ تمام ئي عزيز دوست آهي جنهن سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان ??و ساٿ ڏن??. ه?? ان ڳالهه تي روشني وڌي ته سي پيڪ منصوبن پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ اقتصادي ترقي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر چيو ته پاڪستان سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترقي جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي، سي پيڪ جي اڳئين مرحلي ۾ چين جو تعاون پاڪستان جي صنعتي ترقي جي لاءِ اهم هوند??. ه?? چيو ته ٻنهي دوست م??ڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪند??. ه?? پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ چين جي تعاون کي ساراهيو. صدر چيو ته پاڪستان پنهنجي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ آءِ ٽي، تعليم، صحت، زراعت ۽ غربت جي خاتمي جي شعبن ۾ چيني تجربن مان فائدو کڻڻ چاهي ٿ??. ه?? چيو ته پاڪستان ۽ چين مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا ۽ مختلف فورمز تي تعاون ڪن ٿا. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ”ون چائنا“ پاليسي، تائيوان، ها??گ ڪانگ، تبت، سنڪيانگ ۽ بحيره ڏکڻ چين سميت سمورن بنيادي مسئلن تي چين جي حمايت جاري رکند??. ه?? چيو ته پاڪستان قومي ترقي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي ان جي اصولي موقف جي حمايت ڪرڻ تي چين جو ٿورائتو آهي. چين جي نائب پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن جي هڪ پراڻي تاريخ آهي جيڪي وڌيڪ مضبوط ٿيندا رهندا. هن مارچ 2020ع ۾ ڪوويڊ 19 جي وبا دوران چين جي دوري تي صدر پاڪستان جا ٿورا مڃيندي چيو ته چين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سندس حمايت کي سدائين ياد رکيو ويندو.