اسلام آباد – 03 اپريل (??ي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي س??ن گڏيل قومن جي خوراڪ جي عالمي اداري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊيوڊ ايم بيسلي وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن ماروي ميمڻ به ان موقعي تي موجود هئي. ان سا?? ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان خوراڪ جي عالمي اداري س??ن ڊگهي عرصي کان ڳنڍيل آهي ۽ خوراڪ جي عالمي اداري ۾ ان کي منفرد امداد ملڻ جو درجو حاصل ??هي ۽ پاڪستان موجوده امداد ۽ بحالي جي ڪاررواين لاءِ 5 ڪروڙ ڊالر ادا ڪري رهيو آهي، وزيراعظم خوراڪ جي عالمي اداري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر کي مبارڪباد ڏني ۽ سڄي دنيا ۾ پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي اداري جي ڪوششن کي س??راهيو.