اسلام آباد – 23 ج??لا??ِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان جي ڪامياب سفارتڪاري ڀا??ت کي دنيا ۾ ڌار ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم عمران خان ڀا??تي وزيراعظم نريندر مودي جو اصل چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو ??هي. هو ريڊيو پاڪستان جي اهتمام هيٺ خصوصي مشاعري کي خطاب ڪري رهيو هو، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اڄ پوري دنيا ڀا??تي والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالين جي معاملي تي پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته گذريل سال 5 آگسٽ تي هندستان پنهنجي آئين جي ٻن آرٽيڪلز کي ختم ڪري ڇڏيو جنهن سان نه رڳو ڪشميرين جي خودمختياري محدود ٿي وئي پر ڪشميرين کي بدترين ڪرفيو ۽ لاڪ ڊائون کي منهن ڏيڻو پيو، رياست کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ??يو ويو آهي، هن چيو ته مودي جو هندستان بي مثال قربانيون ڏيندڙ بهادر ڪشميرين جي آزدي جي جدوجهد کي چيڀاٽي نٿو سگهي