اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي م??ڊيڪل يونيورسٽين تي زور ڏنو آهي ته هو نرسنگ پروگرامن تي ڌيان ڏين ۽ نرسنگ جي شا??ردن جي تعداد ۾ اضافو ڪن ته جئين ملڪ ۾ نرسز جي کوٽ پوري ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان ??در ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي سينٽ اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. صدر ميڊيڪل يونيورسٽين تي زور ڏنو ته هو شا??ردن جي تعليم جي معيار کي بهتر بڻائين ۽ غير ملڪي شا??ردن کي به مائل ڪن، ايوان ??در مان ??اري بيان موجب شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر تنوير خالق صدر کي طب جي تعليم لاءِ يونيورسٽي جي ڪردار جي باري ۾ بريفنگ ڏني.