اسلام آباد – پهرين جولاءِ (اي پي پي) پرڏيه?? وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغان امن عمل اهم مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو ??هي?? بين الافغان ڳالهين تي راضپو ۽ ڳالهين واري ٽيمن جو اعلان خوش آئنده ??هي?? انهن ڳالهين سان افغانستان ۾ مستقل ۽ پائيدار امن جي راهه هموار ٿيندي. اها ڳالهه هن افغان امن عمل بابت آمريڪي خصوصي نمائندي زلمي خليل زاد سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيه?? وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران خطي جي صورتحال، افغان امن عمل جي حوالي سان خاص طور تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. افغان مفاهمتي عمل بابت خاص نمائندي ايمبيسڊر زلمي خليل زاد ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج تي ٿيندڙ دهشتگردي جي حملي تي پرڏيه?? وزير سان افسوس جو اظهار ڪندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران وقت سر ڪارروائي ۽ جوانن جي مثالي جرئت کي ساراهيو.