اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منهنجي ڪنهن سان دشمني نه آهي، نه ڪنهن کان بدلو وٺڻ چاهيان ٿو، جيستائين ليڊرشپ جو احت??اب نه ٿيندو ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي، امير ۽ غريب جي وچ ۾ وڌندڙ فرق ترقي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، ڪشمير جو مسئلو پوائنٽ آف نوريٽرن تي پهچي ويو آهي، ميرٽ ۽ ليڊرشپ جو احت??اب جمهوريت جو بنيادي اصول آهي، ملڪ ۾ صحيح معنيٰ ۾ احت??اب جو عمل نه هليو ته اسان اڳتي نه وڌي سگهنداسين. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ س??شن دوران پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ ح??وم??ي قدمن ۽ پاليسي، معيشت جي ص??رتحال، پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جي ڪاميابين جو تفصيل سان ذڪر ڪيو.